Share this link via
Personality Websites!
دنياوي فائدو هوندو آهي، لالچ هوندي آهي، پئسي جي لالچ هوندي آهي، ۽ هن چڪر ۾ مَعَاذَ اللہ! ايمان ڏانهن ڌيان ئي ناهي هوندو، خدا جي ناراضگي جو ڪو خيال ناهي هوندو. خدا جي خوف کان محرومي، عشقِ رسول جي گهٽتائي هوندي آهي ۽ ائين غير مسلمن جي صحبت جي ڪري، انهن جي مذهبي تہوارن ۾ شريڪ ٿي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ايمان جو سودو ڪري چُڪا هوندا آهن، ڪُفر جي اونداھي کوھ ۾ ڪِري چُڪا هوندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ايماني دولٽ لُٽجي وڃڻ جو احساس تائين ناهي هوندو.
مسلماں ہے عطّار تیری عطا سے ہو ایمان پر خاتمہ یَااِلٰہی!
وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! اسين مسلمان آهيون، يقيناً هي الله رب العزت جي هڪ وڏي نعمت آهي، اسان جو ڪلمو پڙهڻ، مسلمان ٿيڻ، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دوزخ کان بچي ڪري جنت ۾ وڃڻ جو وسيلو بڻجي ويندو، پر ياد رکو! دوزخ کان بچڻ ۽ جنت جو حقدار ٿيڻ جي لاءِ صرف مسلمان هجڻ ئي ڪافي ناهي بلڪه ايمان سلامت کڻي دنيا کان رخصت ٿيڻ به ضروري آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجي ايمان جي باري ۾ سوچڻ گهرجي، الله پاڪ اسان کي ايمان جي دولت سان نوازيو آهي. ان جي قدر به ڪيون، ان جو شڪر به ادا ڪيون ۽ ان سان گڏو گڏ ڪفر کان نفرت به ڪندا رهون، حديث پاڪ ۾ آهي:
جنهن وٽ 3 شيون آهن، اهو ايمان جي حلاوت (يعني مٺاڻ) ماڻي وٺندو آهي (انهن 3 مان هڪ ڳالهه هيءَ ارشاد فرمايائون:) اهو ايمان کان پوءِ ڪفر ڏانهن موٽڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami