Share this link via
Personality Websites!
بلڪه هو پنهنجي ايمان تي، پنهنجي عقيدن تي، الله پاڪ تي توڪل ۽ ڀروسي تي مضبوط ئي رهندو آهي، کيس گلن جا هار ملن يا تلوار جو تيز ڌڪ، پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو وڃي يا باھ جي شعلن ۾ اڇلايو وڃي، هر حال ۾، هر صورت ۾ هو استقامت جو جبل بڻجي بيٺو هوندو آهي،
ڪاش! هي سعادت، اهڙو مضبوط ايمان ۽ يقين اسان کي به نصيب ٿي وڃي، اسان کي به دين تي، اسلام تي، ايمان تي ثابت قدميءَ سان نوازيو وڃي. ڪاش! پنهنجي ايمان جي حفاظت جي سوچ حقيقي معنيٰ ۾ نصيب ٿي وڃي. افسوس! هن دور ۾ ايمان بچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، دين جي ڄاڻ جو اهڙو فقدان آهي جو خدا جي پناهه...! * ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي گانا ڳائي رهيا آهن، گانا ٻڌي رهيا آهن، جهومي رهيا آهن، حالانڪه ان گاني ۾ ڪُفريه اشعار آهن ۽ انهن کي خبر ئي ناهي، پنهنجي مستي ۾ مست ڳائي رهيا هوندا آهن، وڏي مزي سان ٻڌندا آهن. هونئن به گاني ۾ ڪُفريه ڪلمات نه هجن تڏهن به گانا باجا ٻڌڻ، ٻڌائڻ شيطاني ڪم آهي ۽ ان جو ايترو سخت عذاب آهي جو برداشت نه ٿي سگهندو. روايتن جي مطابق جيڪو گانا ٻڌندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان جي ڪنن ۾ پگهريل شيهو وڌو ويندو. کنز العمال،کتاب اللہو و اللعب و التغنی ،جلد:8،جز:15، صفحہ:96، حدیث:40662۔ * ڪڏهن ڪڏهن مصيبت ايندي آهي، پريشاني ايندي آهي، ڪو نوجوان فوت ٿي وڃي، اوچتو ڪو حادثو پيش اچي وڃي ته ماڻهو شڪايتون ڪندا آهن، ڪي جاهل ته مَعَاذَ اللہ (الله پاڪ جي پناھ) ڪُفريه جُملا به بَڪي ويندا هوندا ۽ ديني معلومات نه هجڻ سبب هن ڳالھ جي انهن کي خبر ئي نه پوندي هوندي ته هي هڪ ڪُفريه جملو آهي جيڪو انهن کي اسلام جي دائري مان خارج ڪري ڇڏيندو آهي، ڪجھ نادان غير مُسلمن جو طور طريقو اپنائيندا آهن، انهن جي مذهبي ڏهاڙن ۾ شامل ٿيندا آهن، ڪو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami