Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
ته تجويد جي قواعد جو لحاظ رکيو وڃي، سٺو پڙهڻ جي ڪوشش ۾ تجويد جي قاعدن جو لحاظ نه رکڻ درست ناهي.
جيڪڏهن قرآن ڪريم پڙهڻ نٿو اچي ته سکي وٺو، تجويد سان پڙهڻ نٿو اچي ته تجويد سکي وٺو. اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت مسجدن ۾، دڪانن تي، آفيسن ۾ مدرسة المدينه بالغان لڳايا ويندا آهن، اُن ۾ شريڪ ٿيو! جيڪڏهن اوهان وٽ فزيڪلي ڪلاس وٺڻ جو وقت ناهي ته آن لائن ڪلاس وٺو! اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جي تحت آن لائن علمِ دين پڙهڻ پڙهائڻ جو به انتظام آهي. آن لائن درس نظامي (يعني عالم ڪورس) به ڪرايو ويندو آهي، مخلتف شارٽ ڪورس به ڪرايا ويندا آهن ۽ صحيح تجويد و قرات سان قرآن ڪريم پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي. مختصر وقت جا ڪلاس هوندا آهن، انهن ۾ شرڪت ڪيو! قرآن ڪريم پڙهڻ سکو! شارٽ ڪورسز ڪيو بلڪه درس نظامي (عالم ڪورس) به ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون. الله پاڪ اسان سڀني کي قرآن ڪريم سکڻ، پڙهڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
آمین بجاہ خاتَمِ النبین صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: : فَمَنْ رَغِبَ عَنْ سُنّتِیْ فَلَیْس مِنِّی يعني جنهن منهنجي سُنت کان بي رغبتي ڪئي، اهو مون مان نه آهي.
(بخاری،کتاب النکاح،باب الترغیب فی النکاح،صفحہ:1307،حدیث:5063۔)