Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

قرآن ڪريم جي زيارت ڪيون، ان زبان کان الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام جي تلاوت ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي ۾ سُڪون (Peace of Mind) اچي ويندو، الله پاڪ چاهيو ته سينو قرآن جي نور کان روشن ٿيندو، دنيا به سنورجي ويندي، آخرت به سنورجي ويندي.

ڪاش! هي آواز تلاوت ۾ استعمال ٿي ها

روايت ۾ اچي ٿو:  هڪ ڀيري صحابي حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُما  ڪٿان گذري رهيا هئا، ڏٺائون ته هڪ ڳائڻو نهايت سُريلي آواز سان ڳائي رهيو هو، پاڻ فرمايائون: ڪاش! اِهو آواز قرآن شريف جي تلاوت جي لاءِ استعمال ٿي ها. ايترو چئي ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُما  تشريف کڻي ويا. بعد ۾ جڏهن ان ڳائڻي کي خبر پئي ته حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُما  هتان  کان لنگهيا هئا ۽ پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُما هيء ڳالھ چئي ويا آهن، ان کي تمام گهڻي شرمندگي ٿي، سندن پيارو جملو ان جي دل تي لهي ويو، ان فوراً سچي دل سان توبه ڪئي ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُما سان گڏ رهڻ لڳا، ڪجھ ئي عرصي ۾ قرآن ڪريم جا عالم ۽ قاري بڻجي ويا.  (مرآۃ المناجیح،جلد:3 ،صفحہ:270 بتغیر قلیل۔) 

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے

تِلاوت کرنا میرا کام صبح و شام  ہو جائے

الله پاڪ اسان کي به قرآنِ ڪريم جي تلاوت جي توفيق نصيب فرمائي، اسان تلاوت قرآن ڪيون، چڱي آواز سان ڪيون، الله پاڪ جهڙو آواز ڏنو آهي، سو ڏنو آهي، جيترو اسان سان ممڪن ٿي سگهي  چڱي لهجي ۾ تلاوت ڪيون، باقي! اهو ياد رهي ته  چڱي لهجي ۾ پڙهڻ ان وقت چورائيندو جڏهن