Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

(1) خوش الحاني سان قرآن نه پڙهڻ

سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو* لَیْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ یَتَغَنَّ بِالْقُرْآنِ يعني جيڪو خوش الحاني سان قرآن نه پڙهي، اهو اسان مان ناهي. (بخاری،کتاب التوحید،باب قول اللہ تعالیٰ و اسروا قولکم...الخ،صفحہ:1815،حدیث:7527)  

الحاج مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن حديث شريف جي شرح ۾ لکن ٿا:  یَتَغَنَّ  جي معنيٰ آهي: خوش الحاني ۽ چڱي لهجي سان پڙهڻ. هن مان معلوم ٿيو، بُري آواز وارو به وس آهر عمدگي سان قرآن شريف پڙهي جو خوش آوازي قرآن ڪريم جو زيور آهي. هڪ هنڌ مفتي صاحب لکيو آهي؛ هڪ ئي شخص پنهنجو آواز بُرو به ڪڍي سگهي ٿو ۽ ڪجھ چڱو به، مطلب هيء آهي ته جيڪو ٻانهو جيترو سٺي آواز سان تلاوت ڪري سگهي ٿو، اوتري سٺي آواز سان تلاوت ڪري، اِهو مطلب ناهي ته جنهن جو چڱو آواز ناهي اهو تلاوت ئي نه ڪري.(مرآۃ المناجیح،جلد:3 ،صفحہ:266-274 ملتقطًا۔)

پيارا اسلامي ڀائرو!  حديث پاڪ ۾ ته اهو ارشاد ٿيو آهي ته جيڪو چڱي آواز سان، چڱي لهجي سان قرآن ڪريم جي تلاوت نه ڪري، اهو اسان مان ناهي. پر اڄڪلھ غور ڪيو، اسان ته هن کان به هڪ قدم پوئتي آهيون، پڇڻ يا هٿ مٿي ڪرائڻ مناسب ناهي، اسان مان هر شخص پاڻ ئي غور ڪري ته اسان قرآن ڪريم جي ڪيتري تلاوت ڪيون ٿا؟

افسوس! افسوس! مهينن جا مهينا گذري ويندا آهن قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، ان جي زيارت ڪرڻ جي به توفيق ناهي ملندي...!! ڪاش! اسان قرآن ڪريم جي، الله پاڪ جي هن پاڪيزه ڪلام جي قدر ڪيون، الله پاڪ اسان کي اکيون ڏنيون آهن، زبان ڏني آهي، آواز عطا فرمايو آهي. انهن اکين سان