Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اصل ۾ ناڪام اهو ئي آهي، جيڪو الله ۽ رسول کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي. الله پاڪ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اللّٰہُ وَ رَسُوۡلُہٗۤ  اَحَقُّ اَنۡ یُّرۡضُوۡہُ  اِنۡ کَانُوۡا  مُؤۡمِنِیۡنَ (۶۲)

ترجموڪنزالعرفان: حالانڪ الله ۽ ان جو رسول هن ڳالھ جا وڌيڪ حقدار آهن ته ماڻهن انهن کي راضي ڪن. (پارہ:10، التوبۃ:62)  

يقين مڃو! وڏي نقصان ۾ آهي اهو ٻانهو جنهن کان شفاعت فرمائڻ وارا آقا مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم لاتعلقي جو اظهار فرمائن. اُن جي دنيا به برباد آهي، آخرت به برباد آهي. انهي ڪري اسان تي لازم آهي ته پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ گهڙي، هر ڏينهن، هر رات، هر منٽ هر ڪلاڪ الله ۽ رسول جي رضا وارن ڪمن ۾ گذاريون ۽ هر اهو ڪم جنهن سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بيزاري جو اظهار فرمايو آهي، ان کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيون.

اهي اسان مان ناهن

ڪيترن ئي حديثن ۾ اهڙي قسم جا ارشاد موجود آهن ته جيڪو ٻانهو فلاڻو ڪم ڪري يا فلاڻو ڪم نه ڪري لَیْس مِنَّا  اهي اسان مان نه آهن. يعني اهي اسان جي طريقي تي ناهن، اسان جي پيارن مان ناهن يا اسان اُنهن کان بيزار آهيون. اچو! هن مضمون جون حديثون ٻڌون ٿا ۽ نيت ڪيون ٿا ته اهڙن ڪمن کان بچنداسين ۽ الله ۽ رسول کي راضي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.