Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
مطلب ته دنياوي ضرورت (مثلاً رهڻ، ڪاروبار ڪرڻ وغيره) جي لاءِ عمارت ٺاهڻ مباح(يعني جائز) آهي ۽ ديني ضرورت(مثلاً مسجد، مدرسي وغيره) جي لاءِ عمارت ٺاهڻ ثواب جو ڪم آهي. ان کان علاوه جيڪا عمارت محض نمائش جي لاءِ، فخر ۽ غرور جي لاءِ بڻائي وڃي، اها بڻائڻ واري جي لاءِ قيامت جي ڏينهن وبال ٿيندي.( مرآۃ المناجیح،جلد:7،صفحہ:22 ملتقطًا۔)
پيارا اسلامي
ڀائرو! حديث
پاڪ جي روشني ۾ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم
الرِّضْوَان جي عشق جو
انداز ڏسو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اوچي عمارت
ڏٺي، ان کي پسند نه فرمايو، اُن تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اِهو به نه فرمايو
ته هيءَ عمارت بڻائڻ جائز نه آهي، اُن صحابي کي عمارت ڪيرائڻ جو حڪم به نه ڏنائون
بلڪه صرف ناراضگي جو اظهار ئي فرمايائون، اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي صرف اندازو ئي ٿيو ته شايد
پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ
واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي جو سبب اها عمارت هوندي، بس اُن ڪري ته اها
عمارت منهنجي ۽ منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي وچ ۾ اوٽ
بڻجي وئي آهي، تنهنڪري سڄي عمارت ئي کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيو، اهو به نه سوچيائون ته
پاڻ سڳورن کي صرف اوچائي ئي بُري لڳي هوندي، تنهنڪري صرف مٿيون ڪجھ منزلون ڪيرائي
ڇڏيان ٿو، نه...!! نه...!! جيڪا شيءِ محبوب جي ناراضگي جو سبب بڻجي رهي هئي، اُن
کي پاڙان ختم ڪري ڇڏيو، سڄي جو سڄي عمارت ئي ڪيرائي ڇڏي. اهو به نه سوچيائون ته
مون ايترو پيسو خرچ ڪري عمارت تيار ڪئي آهي، اهو برباد تي ويندو، صرف اهو ڏٺائون
ته محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن سبب ناراض آهن، لهٰذا سڄي عمارت ڪيرائي پَٽ ڪري
ڇڏيائون. ڇو؟ صرف و صرف محبوبِ خُدا، مڪي مدني مصطفيٰ