Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

هٿ ملائڻ جون سنّتون ۽ آداب

  فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم:  جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندي مصافحو ڪندا (يعني هٿ ملائيندا) آهن ۽ هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪندا آهن ته الله پاڪ انهن جي وچ ۾ سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي، جنهن مان نوانوي (99) رحمتون وڌيڪ گرم جوشي سان ملڻ واري ۽ سٺي نموني سان پنهنجي ڀاءُ کان خيريت پڇڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! هٿ ملائڻ کي عربي ۾ مُصَافَحو ۽ انگلش ۾ Handshake چئبو آهي * ٻن مسلمانن جو مُلاقات مهل ٻنهي هٿن سان مصافحو ڪرڻ يعني ٻئي هٿ مِلائڻ سُنَّت آهي * هٿ ملائڻ کان پهريان سلام ڪيو * موڪلائڻ مهل به سلام ڪيو ۽ (گڏوگڏ) هٿ به مِلائي سگھو ٿا* هٿ ملائڻ وقت درود شريف به پڙهو، ٿي سگھي ته هي دعا به پڙهو؛
 ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي) * ٻه مسلمان هٿ ملائڻ جي دوران جيڪي دعائون گھرندا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون۔ هٿ جدا  ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سان دشمني پري ٿيندي آهي * مسلمان کي سلام ڪرڻ، هٿ ملائڻ بلڪه محبت سان ان جو ديدار ڪرڻ سان به ثواب ملي ٿو۔ حديث پاڪ ۾ آهي:  جيڪو مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ ڏانهن محبت ڀري نگاهه سان ڏسي ۽ اُن جي دل يا سيني ۾ دشمني نه هجي ته نگاهه موٽڻ کان پهريان ٻنهي جا اڳوڻا گناهه معاف ڪيا ويندا۔ * جيترا ڀيرا ملاقات ٿئي هٿ ملائي سگھو ٿا * اڄڪلھ ڪجھ ماڻهو ٻنهي طرف کان هڪ هٿ مِلائن ٿا بلڪه صرف اڱريون ئي پاڻ ۾ ٽڪرائن ٿا اهو سڀ خلافِ سنت آهي * هٿ ملائڻ کان