Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

اظهار نه فرمايو. بعد ۾ جڏهن اهو صحابي سڳورو رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، سلام عرض ڪيائين ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ان کان منهن ڦيري ڇڏيو، ان  ٻيهر سلام عرض ڪيو، پاڻ سڳورن وري منهن مبارڪ ڦيرائي ڇڏيو، ڪجھ ڀيرا ايئن ئي ٿيو ته (اهو صحابي پريشان ٿي ويو) صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  کان پڇيائون (ته آخر حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مون کان ناراضگي جو ڇا سبب آهي؟) صحابه ڪرام  عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  سڄو معاملو ٻڌايو (ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  توهان جي گهر جي ڀرسان لنگهيا هئا، توهان جي بلند عمارت ڏٺائون، شايد ناراضگي جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو). صرف ايترو ٻڌڻو هيو اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فوراً گهر ويو ۽ پنهنجي اُن اوچي عمارت کي ڪيرائي بلڪل پَٽ ڪري ڇڏيائين (يعني صرف مٿاهين منزلون ڪيرائي  جڳھ کي هيٺ نه ڪيو بلڪه جڳھ پوري ئي ڪيرائي ڇڏي). پوءِ هڪ ڏينهن پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو اتان کان گذر ٿيو ته کيس اها عمارت نظر نه آئي، فرمايائون: اها عمارت ڪيڏانهن وئي؟ عرض ڪيو ويو: اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  اوهان جي ناراضگي جي ڊپ کان عمارت ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏي. اُن تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻُڌي ڇڏيو! بيشڪ هر عمارت ان جي مالڪ جي لاءِ وبال آهي البته جيڪا ضرورت جي لاءِ بڻائي وئي هجي. (.ابو داؤد ،کتاب الادب،باب ما جاء فی البناء،صفحہ:815،حدیث:5237 ملتقطًا۔)

مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمت مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن حديث پاڪ جي حوالي سان لکن ٿا: حديث شريف ۾ لفظ وبال مان مراد جيڪڏهن گناھ آهي ته مطلب اهو ٿيندو ته هر اها عمارت جيڪا بنا ضرورت صرف فخر ۽ تڪبر جي لاءِ بڻائي وڃي ته اهو عمل ناجائز آهي، فخر ۽ تڪبر وارو هر ڪم حرام آهي. ۽ جيڪڏهن هتي لفظ وبال مان مراد آخرت جو بوجھ آهي ته هر اها عمارت ان ۾ داخل آهي جيڪا بنا ضرورت جي ٺاهي وئي هجي.