Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

مڪي مدني گهرائي ورتو

ٽهينگ موڙ ( قصور پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءَ جي بيان جو خلاصو آهي، اَلحَمۡدُلله! مان دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ته هيس پر ديني ڪمن جي سلسلي ۾ سُستي جو شڪار هيس. حُسن اتفاق سان دعوت اسلامي جي هڪ اسلامي سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو، جڏهن انهن کي منهنجي ديني ڪمن ۾ عدم دلچسپي جو علم ٿيو ته نيڪي جي دعوت ڏيندي نه صرف ديني ڪم ڪرڻ جو ذهن بڻايو بلڪ پابندي سان فجر جي لاءِ ٻين کي جاڳائڻ جي ترغيب به ڏياري. اَلحَمۡدُلله! منهنجو ذهن بڻجي ويو، ۽ مان ماڻهن کي فجر جي لاءِ جاڳائڻ شروع ڪيو. فجر جي لاءِ جاڳائڻ جي برڪت ايئن ظاهر ٿي جو قسمت جو تارو چمڪي پيو، انهي سال مون کي بارگاھِ مصطفيٰ جي حاضري جو شرف حاصل ٿي ويو.

صدائے مدینہ دِکھائے مدینہ                         الٰہی دکھا دے ضیائے مدینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

دار الافتاء اهلسنت موبائل ايپلي ڪيشن

        پيارا اسلامي ڀائرو! دَعوَتِ اسلامي علم دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي:( Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) (دارالافتاء اهلسنت)۔ اها ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح