Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
عورتن جي مشابهت اختيار ڪندو آهي ۽ عورت جيڪا مردن جي مشابهت اختيار ڪندي آهي، اهي اسان مان ناهن * جيڪو پاڙي واري جا حق ضايع ڪندو آهي، اهو اسان مان ناهي * جيڪو نماز ۾ ڪانوَ وانگر ٺونگا هڻي (يعني رڪوع ۽ سجدا پورا نه ڪري) اهو اسان مان ناهي. يعني جيڪو ٻانهو اهڙا ڪم ڪندو آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان بيزار آهن.
الامان والحفیظ! الله پاڪ اسان کي نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناراضگي کان محفوظ فرمائي. ڪاش! اسان هميشه الله ۽ رسول جي رضا وارن ڪمن ۾ ئي مصروف رهڻ وارا بڻجي وڃون.
مری زندگی بس تری بندگی میں ہی اے کاش گزرے سدا یااِلٰہی
نہ ہوں اشک برباد دُنیا کے غم میں مُحَمَّد کے غم میں رُلا یااِلٰہی
پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙا وڌيڪ ڪم جن کان رسولِ اڪرم، نورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن بيزاري جو اظهار فرمايو آهي، انهن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو رسالو اهو اسان مان ناهي پڙهي وٺندا!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! دل ۾ عشق رسول وڌائڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو ذهن بنائڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.. 12 ديني ڪمن