Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

سان، الله پاڪ جي ياد ۾ گُم ٿي ڪري نماز پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

نمازوں میں ایسا گما یاالٰہی                        نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی

           پيارا اسلامي ڀائرو! نماز دين جو سُتون آهي، اڄڪلھ نمازن ۾ سُستي  ڏسڻ ۾ اچي ٿي، گڏوگڏ هڪ اِهو به مسئلو آهي ته ڪيئي ماڻهو نماز جي بنيادي مسئلن کان به ناواقف هوندا آهن، جنهن جي ڪري نمازن ۾ کوڙ غلطيون ٿي رهيون هونديون آهن. اسان کي 5 وقت جو پڪو نمازي به ٿيڻو آهي ۽ نماز سکڻي به آهي. ان جي لاءِ اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪتاب
نماز جا احڪام، اسلامي ڀينرن جي نماز، فيضانِ نماز پڙهي وٺندا! بلڪه بهتر هي آهي ته 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ۽ ان کان علاوه ڪيئي شارٽ ڪورسز آن لائن به ڪرايا ويندا آهن، جيڪڏهن توهان فزيڪلي ڪورس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهو ته آن لائن ڪورس ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو، نماز ۾ ٿيڻ وارين  کوڙ سارين غلطين جي اصلاح ٿيندي ۽ علمِ دين سکڻ جو ثواب به نصيب ٿيندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

بيان جو خلاصو

           پيارا اسلامي ڀائرو! الله ۽ رسول کي راضي ڪرڻ سڀ کان اهم ڪم آهي. اسان هي ڪجھ حديثون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، جن ۾ فرمايو ويو ته  *  جيڪو خوش الحاني سان تلاوت ناهي ڪندو اهو اسان مان ناهي *  جيڪو سنّت کان بي رغبتي رکندو آهي، اهو اسان مان ناهي
 
 *  جيڪو مسلمانن کي دوکو ڏيندو آهي، اهو اسان مان ناهي  *  مرد جيڪو