Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
رڪوع ۽ سجدن ۾ پنهنجي پٺي سڌي نٿو ڪري.
(مسندِ امام احمد،جلد:9 ،صفحہ:311 ،حدیث:23284۔)
حڪيمُ الاُمت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: خبر پئي ته مال جي چور کان نماز جو چور وڌيڪ بُرو آهي ڇوته مال جو چور جيڪڏهن سزا ڀوڳيندو به آهي ته (چوري جي مال مان) ڪجھ نه ڪجھ نفعو به کڻي وٺندو آهي پر نماز جو چور سزا پوري ڀوڳڻ سان گڏوگڏ ان جي لاءِ نفعي جي به ڪا صورت ناهي. مال جو چور ٻانهي جو حق ماريندو آهي جڏهن ته نماز جو چور الله پاڪ جو حق (ماريندو آهي). هي حالت انهن جي آهي جيڪي نماز کي اَڌورو پڙهندا آهن، هن مان اهي ماڻهو عبرت جو سبق حاصل ڪن جيڪي نماز پڙهندا ئي ناهن. مرآۃ المناجیح،جلد:2 ،صفحہ:78 بتغیر قلیل۔
حضرت حُذيفه بن يمان رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو نماز پڙهندي رڪوع ۽ سجود پورا ادا نه ڪري رهيو هو ته ان کي فرمايائون: تو نماز ناهي پڙهي ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ حالت ۾ مري وئين ته حضرت محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طريقي تي تنهنجو موت واقع نه ٿيندو. (بخاری،کتاب الاذان ،باب اذا لم یتم السجود،صفحہ:257،حدیث:808 ملتقطًا۔) نسائي شريف جي روايت ۾ هي به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اهو به پڇيو: تون ڪڏهن کان هن طرح نماز پڙهي رهيو آهين؟ ان چيو: 40 سالن کان. تنهن تي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي ارشاد فرمايو: تو 40 سالن کان نماز ئي ناهي پڙهي ۽ جيڪڏهن هن حالت ۾ توکي موت اچي ويو ته تون دينِ محمدي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نه مرندين. نسائی،کتاب السہو،باب تطفیف الصلاۃ،صفحہ:225،حدیث:1309ملتقطًا۔
الله پاڪ اسان کي جلد بازي کان بچڻ، خوب اطمينان سان، خشوع و خضوع