Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

الله الله! اڄڪلھ ديني معاملن  ۾ ماڻهو تمام گهڻي جلد بازي ڪرڻ لڳا آهن، سوشل ميڊيا تي، موبائل تي، فضوليات ۾، دوستن سان ڪچهرين (Chatting) ۾ جيتوڻيڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري وڃن. ڪا پرواھ ناهي هوندي پر جيڪڏهن نماز جي لاءِ بيهي رهون ته ڪيترائي ڪم ياد اچي ويندا آهن، پوءِ ڪوشش هوندي آهي ته جلدي جلدي نماز مڪمل ڪري ٻيا ڪم پورا ڪيا وڃن. ڪجھ ماڻهن کي ته ڪمن جي جلدي هوندي آهي ۽ ڪجھ ماڻهن جي هونئن ئي عادت هوندي آهي جو نماز ۾ رڪوع ۽ سجدا پورا ناهن ڪندا، الله اڪبر چئي ڪري رڪوع ۾ ويا، فوراً ئي مٿو کڻي ورتائون، اڃان سڌو ئي نه بيٺا هئا ته الله اڪبر چئي ڪري سجدي ۾ هليا ويا، سجدي ۾ پوري طرح پهتا به نه هئا ته الله اڪبر چيو ۽ اٿي ويا، سڌو ويٺا به نه هئا ته ٻئي سجدي ۾ هليا ويا. ياد رکو! نماز ۾ اهڙي جلد بازي غلط آهي. اسان پيدا ئي عبادت جي لاءِ ٿيا آهيون، دنيا ۾ اچڻ جو مقصد  (Purpose) ئي عبادت آهي، پوءِ عجيب ڳالھ آهي جو ٻيا ڪم جيڪي اسان جي زندگي جو مقصد ناهن، انهن ۾ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذاري ڇڏيون پر جڏهن اصل مقصد جو ڪم ڪرڻ لڳون ته اهڙي جلد بازي ڪيون جو پوري طريقي سان نماز ئي ادا نه ٿي سگهي. اهڙن ماڻهن کي پنهنجي نمازن جو فڪر ڪرڻ گهرجي.

نماز جو چور

پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: ماڻهن ۾ سڀ کان بَدتَر چور اهو آهي جيڪو پنهنجي نماز ۾ چوري ڪري ٿو۔ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عَرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!  ڪو شخص پنهنجي نماز ۾ ڪهڙي طرح چوري ڪري سگھي ٿو؟ ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: هو ان جا رُڪوع ۽ سجدا پورا نٿو ڪري، يا اِرشاد فرمايائون: اهو