Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

  *  جيڪڏهن توهان ڪو ميوو خريد ڪري آڻيو ته ان مان پاڙي واري کي به ڪجھ موڪليو  *  جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهو ته لِڪائي ڪري کڻي وڃو ۽ پنهنجي ٻارن کي به اهو ميوو گهران ٻاهر کڻي وڃڻ  نه ڏيو جو پاڙي وارن جا ٻار ان کي ڏسي غمگين ٿيندا   *   ۽ پنهنجي ديڳڙيءَ جي خوشبوءَ سان به پاڙي واري کي تڪليف نه پڄايو پر هي جو ڪجھ ڀاڄي ان کي به موڪليو. ايترو فرمائڻ کان پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَتَدْرُوْنَ مَا حَقُّ الْجَارِوَالَّذِیۡ نَفْسِیۡ بِیَدِہٖ مَا یَبْلُغُ حَقَّ الْجَارِ اِلَّا قَلِیْلاً مِّمَّن رَّحِمَ اللہُ يعني خبر اٿوَ  پاڙي واري جو حق ڇا آهي؟ ان ذات جو قسم جنهن جي قدرت ۾ منهنجي جان آهي! پاڙي واري جو حق صرف اهو ئي ادا ڪري سگهي ٿو جنهن تي الله پاڪ رحم فرمائي.

(شُعَبُ الایمان،باب فی اکرام الجار، جلد:7، صفحہ:83، حدیث:9560۔)

   الله پاڪ اسان سڀني کي پاڙي وارن، رشتيدارن (Relatives)، ماءُ پيءُ (Parents)، ڀاءُ ڀيڻ وغيره جا حق ادا ڪرڻ، انهن جو خيال رکڻ ۽ انهن سان حُسنِ سلوڪ جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

(7)نماز ۾ ڪانوَ وانگر ٺونگا هڻڻ وارو اسان مان ناهي

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: لَیْسَ مِنَّا مَنْ یَنْقُرُ نَقْرَالْغُرَابِ يعني جيڪو ڪانوَ وانگر ٺونگا هڻي، اهو اسان مان ناهي.

 جامع الاصول للجزری،حرف الصاد،جلد:4،صفحہ:133،حدیث:3497۔

   هن حديثِ پاڪ جو مطلب هيء آهي ته نماز ۾ سجدو ڪندي وقت جيڪو ٻانهو ايتري جلدي ڪري جو مٿو سجدي ۾ رکي ۽ فوراً کڻي وٺي، اهو ائين آهي جيئن ڪانوُ ٺونگا هڻندو آهي، اهڙي شخص بابت فرمايائون: لَیْسَ مِنَّا يعني اهو اسان مان ناهي.