Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
زبان مان نڪتو: نه ڀاءَ نه! الياس ڀاءَ ڪا ناراضگي ناهي! پوءِ اهو پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ سندن خيرخواهي به ڪئي.
(تعارفِ امیرِ اہلسنت،صفحہ:41 و 42 خلاصۃً۔ )
ہے فَلاح و کامرانی نرمی و آسانی میں ہر بنا کام بِگڑ جاتا ہے نادانی میں
ڈوب سکتی ہی نہیں موجوں کی طُغیانی میں جس کی کشتی ہو مُحَمَّد کی نگہبانی
اي
عاشقانِ رسول! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن
پاڙي واري جو حق ضايع ڪرڻ واري کان بيزاري جو اظهار ڪيو ۽ فرمايائون: جيڪو پاڙي
واري جو حق ضايع ڪري، اهو اسان مان ناهي. هتان کان
پاڙي وارن جا حق (Rights of Neighbour) ڄاڻڻ جي اهميت به خبر پئي ٿي، ظاهر
آهي اسان کي پاڙي وارن جي حقن
جي خبر هوندي، تڏهن ئي سندن حقن کي پورو ڪري سگهنداسين. اچو! پاڙي وارن جا ڪجھ حقوق
ٻڌون ٿا: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: خبر اٿوَ پاڙي واري جو حق ڇا آهي؟ پوءِ فرمايائون: * جيڪڏهن
هو توهان کان مدد گهري ته ان جي مدد ڪريو * جيڪڏهن
توهان کان قرض گهري ته ان کي قرض ڏيو * جيڪڏهن هو محتاج هجي ته ان جي حاجت پوري ڪريو * جيڪڏهن
هو بيمار ٿي وڃي ته ان جي عيادت ڪريو
* جيڪڏهن
هو فوت ٿي وڃي ته ان جي جنازي ۾ شرڪت ڪريو، * جيڪڏهن
ان کي ڪا ڀلائي پهچي ته مبارڪ باد ڏيو * جيڪڏهن
ان کي ڪا مصيبت پهچي ته تعزيت ڪريو، * ان
جي اجازت کان بغير سندس گهر کان اوچو گهر
نه ٺهرايو جو ان کي هوا نه پڄي سگهي *
پاڙي
واري کي تڪليف نه ڏيو