Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
۾ پهريان حساب پاڙي وارن جو ٿيندو. مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:583ملتقطًا۔
پڑوسی کو بھائی! نہ ہر گز ستانا وگرنہ جہنّم بنے گا ٹھکانا
اميرِ اهلسنّت ۽ ناراض پاڙي وارو
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! پاڙي وارن جو معاملو ڪيڏو اهم آهي جو قيامت جي ڏينهن پاڙي وارن جي جهيڙي جو حساب سڀ کان پهريان ورتو ويندو. اسان کي گهرجي ته دنيا مان وڃڻ کان پهريان هتي ئي پاڙي وارن سان جهڳڙي (Fight) وغيره جا معاملات حل (Solve) ڪري وٺون، الله نه ڪري جيڪڏهن اسان جو ڪو پاڙي وارو اسان کان ناراض هجي، ان ۾ چاهي اسان جي غلطي هجي يا نه هجي، بهرحال ان کي راضي ڪري وٺو. انهيءَ ۾ عافيت آهي.
هڪ ڀيري اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو هڪ پاڙي وارو کائنس ناراض ٿي ويو، سندن ڪا غلطي به نه هئي، بس ان کي ڪجھ غلط فهمي (Misunderstanding) ٿي وئي هئي. ان امير اهل سنت خلاف (Against) گهڻو ڪجھ گهٽ وڌ ڳالهايو، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جنهن مسجد جا امام هئا، اتي وڃي ڪري نمازين جي سامهون به شور ڪيائين پر قربان وڃو! اميرِ اهل سنّت جي حڪمتِ عملي تي، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪا انتقامي ڪاروائي نه ڪئي، هڪ ڏينهن اهو ناراض پاڙيسري کين پاڙي جي ڪجھ ماڻهن سان گڏ بيٺي ملي ويو، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جلدي مان اڳتي وڌي ڪري ان کي سلام ڪيو. پر هُو گهڻو ناراض هو، تنهنڪري اُن منهن ڦيري ڇڏيو. ان تي اميرِ اهل سنّت جذبات ۾ نه آيا بلڪه اڳتي وڌي ڪري ان کي سيني سان لڳائي ڪري، سندن نالو وٺي ڪري محبت واري لهجي ۾ چيو: تمام گهڻو ناراض آهين. بس نرمي وارا هي الفاظ چوڻ جي ئي دير هئي، ان جي ڪاوڙ ختم ٿي وئي. بي اختيار ان جي