Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

ڪرڻ لڳندا آهن، جيتوڻيڪ هي گناھ نه هجي پر رات جي وقت پنهنجي گهر ۾ به اهڙا ڪم ڪرڻ سان پاڙي وارن جي ننڊ ۾ خلل اچي سگهي ٿو. تنهنڪري اهڙا ڪم ڏينهن جو ڪيا وڃن ته جيئن پاڙي وارن کي تڪليف نه ٿئي.

پڑوسی کو بھائی! نہ ہر گز ستانا                    وگرنہ جہنّم بنے گا ٹھکانا

پاڙي واري جي ٻڪريءَ کي به تڪليف نه ڏيو...!

  اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: هڪ ڏينهن پاڙي واري جي ٻڪري اسان جي گهر ۾ گِهڙي وئي ۽ ان ماني وات ۾ کڻي ورتي، جيئن ته مان ٻڪري ڏانهن وڌيس ۽ مون ٻڪري جي وات مان ماني کَسي ورتي. (پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مونکي ائين ڪندي ڏسي ورتو ۽) فرمايائون: (اي اُمِّ سلمه!) ٻڪري کي تڪليف ڏيڻ توکي بچائي نه سگهندو ڇوته  اهو به پاڙي واري کي تڪليف ڏيڻ کان گهٽ ناهي.

 (مکارم الاخلاق للطبرانی،باب قولہ :لا قلیل من اذی الجار،جزء الثانی، صفحہ:395، حدیث:239۔)

قيامت جي ڏينهن جو پهريون حساب

   حضرت عُقبه بن عامر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن پهريون (حساب و ڪتاب) جهيڙو ڪرڻ وارن 2 پاڙيسرين جي وچ ۾ ٿيندو. معجم الکبیر، جلد:7، صفحہ:148، حدیث:14252۔

   يعني قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان پاڙي وارن جي تڪرارن جو فيصلو ڪيو ويندو پوءِ ٻين جا. خيال رهي! عبادتن ۾ پهريان حساب نماز جو ٿيندو، معاملن ۾ پهريان حساب ناحق قتل جو ٿيندو ۽ حقوق جي ادائيگي جي معاملي