Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

جاڳندي بَس هر وقت درودِ پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻجي وڃي۔

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّـوْا  عَلَـی   الْـحَـبِـيْـب !                صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی   مُـحَـمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيّت اَفضل تَرين عَمَل آهي. )[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! اي عاشقانِ رسول! هر ڪم کان پهرين سٺين سٺين نيّتن جي عادت بڻايو جو سٺي نيّت ٻانهي کي جنّت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي. بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيّتون ڪري ڇڏيو! مثلاً نيت ڪيو!* عِلمِ دين سکڻ لاءِ پورو بيان ٻڌندس * ادب سان ويهندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!

صَلُّـوْا  عَلَـی   الْـحَـبِـيْـب !                                                                         صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن رستي کان گذريا، اسان به ساڻ هئاسين،  رستي ۾ هڪ هنڌ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ بلند عمارت ڏٺي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: هي ڇا آهي؟ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: هي فلاڻي صحابي ٺهرائي آهي. عابد و زاهد نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اها ڳالھ ناگوار گذري پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔