Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

پياري ۽ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! فُلاڻي عورت سڄي رات عبادت ڪندي آهي، ڏينهن جو روزو رکندي آهي، تمام گهڻي نيڪ آهي، صدقو ۽ خيرات به تمام گهڻو ڪندي آهي پر اها پنهنجي زبان سان پاڙي وارن کي تڪليف ڏيندي آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَاخَیْرَ فِیْہا ان ۾ ڪا ڀلائي ناهي
 ہِیَ مِنْ اَہْلِ النَّارِ اها جهنَّمين مان آهي. صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  هڪ (ٻيءَ عورت جو ذڪر ڪندي عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) فُلاڻي عورت فرض نماز پڙهندي آهي، پنير (Cheese) صدقو ڪندي آهي ۽ ڪنهن کي به تڪليف ناهي ڏيندي. ارشاد فرمايائون: ہِیَ مِن ْ اَہْلِ الْجَنَّۃِ اها جنّتي عورت آهي.

 (الادب المفرد، باب لا یؤذی جارہ،صفحہ:48، حدیث:119۔)

   اي عاشقانِ رسول! اڄ هن حديثِ پاڪ تي بار بار غور ڪرڻ جي حاجت آهي...! ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪو پنهنجي پاڙي واري کي تڪليف پهچائيندو آهي، اهو ڪيتري قدر نقصان ۾ آهي پر افسوس! اسان وٽ هن ڳالھ جو خيال ئي ناهي ڪيو ويندو  *  ماڻهو پنهنجي گهر جو ڪچرو (Garbage)  کڻي ڪري پاڙي واري جي دروازي اڳيان رکي ڇڏيندا آهن  *  گهر ۾ هر وقت شور شرابو مچائيندا آهن
  *  دانهون ڪندا آهن ۽ هن ڳالھ جي بلڪل پرواھ ئي ناهن ڪندا ته اسان جي شور سان پاڙي واري کي تڪليف پهچي سگهي ٿي  *  شل نه ڪنهن جي گهر ۾ شادي (Marriage) هجي، پوءِ ته ڄڻ پاڙي وارن جي ننڊ ئي حرام ٿي ويندي آهي، هڪ ته ڳائڻ وڄائڻ جو گناھ، مٿي وڏا وڏا لائوڊ رکي ڪري وڏي آواز سان هلائيندا آهن، ڪنهن کي تڪليف پهچي، ڪنهن جي ننڊ خراب ٿئي، ڪو ويچارو بيمار هجي، ان کي تڪليف هجي، ننڍن ٻارن جي ننڊ ڦِٽي وڃي، انهن کي ان جي ڪا پرواھ ناهي هوندي *  ڪجھ ماڻهو رات جو گهر ۾ شور