Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

ملائيندا آهن ته انهن ٻنهي جي جُدا ٿيڻ کان پهريان ئي سندن مغفرت ٿي ويندي آهي. .. ترمذی،کتاب الاستئذان والآداب،باب ماجاء فی المصافحۃ،صفحہ:641،حدیث:2727۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(6): پاڙي واري جو حق ضايع ڪرڻ وارو اسان مان ناهي

   پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: فَمَنْ ضَيَّعَ حَقَّ جَارِہٖ فَلَیْسَ مِنَّا يعني جيڪو پاڙي واري (Neighbour) جو حق ضايع ڪري اهو اسان مان ناهي. (بغیۃ الباحث عن زوائد مسند الحارث ،کتاب الصلاۃ،باب فی خطبۃ ...الخ،جز:1 ،صفحہ:312 ،حدیث:205۔)

 ڪامل ايمان جي لاءِ ضروري عَمل

  اي عاشقانِ رسول! اسلام ۾ پاڙي واري کي تمام گهڻي اهميت (Importance) ڏني وئي آهي، ايستائين جو اهي اعمال جن جي ذريعي اسان جو ايمان ڪامل ٿيندو آهي، انهن مان پاڙي واري سان حُسنِ سلوڪ يعني سُٺي سلوڪ کي به شامل ڪيو ويو آهي يعني اسان ان وقت تائين ڪامل مومن نه ٿا بڻجي سگهون جيستائين پاڙي واري جا حق ادا نه ڪيون. حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:
 لَا یُؤْمِنُ عَبْدٌ لَا یَاْمَنُ جَارُہٗ بَوَائِقَہٗ اهو ٻانهو (ڪامل) مومن ناهي جنهن جو پاڙي وارو ان جي شَرَ کان محفوظ نه هجي. .مسندِ بزّار، جلد:16، صفحہ:215، حدیث:9362۔

پاڙي واري کي  ايذاء ڏيڻ واري عبادت گذار عورت

   امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حديثِ پاڪ نقل فرمائي ته هڪ ڀيري الله پاڪ جي