Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
اسلامي حق آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم فرمائي ٿو:
وَ اِذَا حُیِّیۡتُمۡ بِتَحِیَّۃٍ فَحَیُّوۡا بِاَحۡسَنَ مِنۡہَاۤ اَوۡ رُدُّوۡہَا ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ حَسِیۡبًا (۸۶)
ترجموڪنزالعرفان: جڏهن توهان کي ڪنهن لفظ سان سلام ڪيو وڃي ته توهان ان کان بهتر لفظ سان جواب ڏيو يا اهي ئي لفظ چئي ڇڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي حساب وٺڻ وارو آهي. (پارہ:5، النساء:86)
تفسير صراط الجنان ۾ هن آيتِ جي حوالي سان آهي: سلام ڪرڻ سُنت آهي ۽ جواب ڏيڻ فرض ۽ جواب ۾ افضل اِهو آهي ته سلام ڪرڻ واري جي سلام تي ڪجھ وڌائي مثلاً پهريون شخص اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چئي ته ٻيو شخص وَعَلَیْکُمُ السَّلَامْ وَرَحْمَۃُ اللہِ چئي ۽ جيڪڏهن پهرين وَرَحْمَۃُ اللہِ به چيو ته هُو وَبَرَکَاتُہٗ وڌيڪ وڌائي. هن کان وڌيڪ سلام و جواب ۾ ٻيو ڪو اضافو ناهي.
(تفسیر صراط الجنان،پارہ:5 ،النساء،زیرِ آیت:86 ،جلد:2،صفحہ:264۔)
100 مان 90 رحمتون ڪنهن کي ملنديون؟
فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جڏهن 2 مسلمان ملاقات ڪندا آهن انهن مان هڪ پنهنجي ساٿيءَ کي سلام ڪندو آهي ته انهن مان الله پاڪ جي ويجهو وڌيڪ محبوب (يعني پيارو) اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي ساٿيءَ سان خوش دلي سان ملاقات ڪندو آهي، پوءِ جڏهن اهي هٿ ملائيندا آهن ته انهن تي 100 رحمتون نازل ٿينديون آهن انهن مان 90 رحمتون (سلام ۾) اڳرائي ڪرڻ واري جي لاءِ ۽ 10 هٿ ملائڻ واري جي لاءِ آهن.)[1](
هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جڏهن 2 مسلمان ملاقات جي وقت پاڻ ۾ هٿ