Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
3 ماڻهو جنت کان (ابتدائي طور) محروم رهندا
حديث پاڪ ۾ آهي: 3 شخص ڪڏهن به جنت ۾ داخل نه ٿيندا، (1) ديُّوث (2) مرداڻي عورتون ۽ (3) شراب جو عادي. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو شراب جي عادي کي ته اسان ڄاڻي ورتو، ديّوث ڪير آهي؟ فرمايائون: اهو شخص جيڪو هن ڳالھ جي پرواھ نه ٿو ڪري ته سندن گهر وارن وٽ ڪير ڪير اچي ٿو؟ اسان عرض ڪيو: مرداڻي عورتون ڪير آهن؟ فرمايائون: جيڪي مردن جي مشابهت اختيار ڪن ٿيون.
(مجمع الزوائد،کتاب النکاح، باب فیمن یرضی لالہ بالخبث،جلد:4 ،صفحہ:427، حدیث:7722)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
(5) جنهن سلام جو جواب نه ڏنو اهو اسان مان نه آهي
آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَجَابَ السَّلامَ فَہُوَلَہٗ وَمَنْ لَّمْ یُجِبِ السَّلامَ فَلَیْسَ مِنَّا يعني جنهن سلام جو جواب ڏنو، ثواب ماڻيندو ۽ جنهن سلام جو جواب نه ڏنو اهو اسان مان نه آهي.
(مجمع الزوائد،کتاب النکاح، باب فیمن یرضی لالہ بالخبث،جلد:4 ،صفحہ:427، حدیث:7722)
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن ڪو مسلمان سلام ڪري ته ان جو جواب ڏيڻ