Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
الله پاڪ اسان کي مال جي حِرص کان به بچائي ۽ لالچ ۾ اچي ڪري مسلمانن کي دوکو ڏيڻ کان به هروقت بچائي رکي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .
(4) غير جنس کان مشاهبت ڪرڻ وارو اسان مان ناهي
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَیْس مِنَّا مَنْ تَشَبَّہ بِالرِّجَال مِنَ النِّسَاءِ وَ لَا مَنْ تَشَبَّہَ بِالنِّسَاءِ مِنَ الرِّجَالِ يعني جيڪا عورت مردن جي ۽ جيڪو مرد عورتن جي مشابهت اختيار ڪري اهو اسان مان نه آهي. (مسندِ امام احمد،جلد:3 ،صفحہ:634 ،حدیث:7054۔)
موجوده دور جو اهو به هڪ وبال آهي ته مردن کي عورتن جهڙو ۽ عورتن کي مردن جهڙو حليو بڻائڻ جو هروڀرو شيطاني شوق سُوار هوندو آهي، * ڪنن ۾ واليون پائڻ، * هٿن ۾ ڪڙا پائڻ. * ڪلهن کان هيٺ تائين وڏا وڏا وار رکڻ. * چوٽيون ٻڌڻ. * زنانيون منڊيون پائڻ. * هٿن ۽ پيرن ۾ مينڌي لڳائڻ، هي سڀ زنانا ڪم آهن، پر جيڪي ضرورت کان وڌيڪ فيشن ايبل هوندا آهن يا جن وٽ ديني معلومات جي گهٽتائي هوندي آهي، اهي مرد به اهڙا ڪم ڪندي نظر ايندا آهن.
انهي طرح ڪجھ نادان عورتون به اهڙا شوق رکنديون آهن * مردن جيان ننڍا ننڍا وار رکڻ، * مرداڻو لباس پائڻ. * مرداڻي طرز جا جوتا پائڻ وغيره.
ياد رکو! مرد کي عورتاڻي ۽ عورت کي مرداڻي وضع اختيار ڪرڻ ناجائز ۽ گناھ آهي. فتاويٰ رضويه شريف ۾ آهي: مرد کي عورتاڻي وضع جي ڪا ڳالھ اختيار ڪرڻ حرام آهي. رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن تي لعنت فرمائي.
(.فتاویٰ رضویہ،جلد:21،صفحہ:600۔)