Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

خاطر چيو: توھان مون کي قتل ڇوٿا ڪيو اسان ھن سون جا 3 حصا ڪري وٺون ٿا ۽ ھڪ ھڪ حصو ورھائي ٿا وٺون۔ اھي ٻئي شخص ان تي راضي ٿي ويا۔ ان شخص چيو بھتر آھي اسان مان ھڪ ماڻھو ٿوررو سون کڻي ڪري ويجھو شھر مان کاڌو خريد ڪري اچي ته جيئن کائي، پي ڪري سون تقسيم ڪري وٺون. جيئن ته انھن مان ھڪ ماڻھو شھر پھتو، کاڌو خريد ڪري واپس ٿيڻ لڳو ته ان سوچو، بھتر اھو آھي ته کاڌي ۾ زھر ملائي ٿو ڇڏيان ته جيئن اھي ٻئي کائي مري وڃن ۽ سڄو سون مان ئي ڦٻائي وٺان. اھو سوچي ڪري ان زھر خريد ڪري کاڌي ۾ ملائي ڇڏيو، ھوڏانھن ھنن ٻنھي ھيءَ سازش ڪئي ته جيئن ئي ھو کاڌو وٺي ايندو ته اسان ٻئي ملي ڪري ان کي ماري ڇڏينداسين ۽ پوءِ سڄو سون اڌو اڌ ڪري ورھائي وٺنداسين جيئن ئي جڏھن اھو شخص کاڌو وٺي آيو ته انھن ٻنھي ھن کي قتل ڪري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ ٻئي خوشيءَ خوشيءَ سان کاڌو کائڻ لڳا ته زھر پنھنجو اثر  ڏيکاريو ۽ ھي ٻئي لالچي به تڙپي تڙپي ڪري مري ويا ۽ سون جيئن جو تيئن ئي پيو رھيو.

 (اِتحافُ السَّا دَةِ المُتّقِین،كتاب ذم البخل ،بیان ذم الغنی و مدح الفقر،جلد:9،صفحہ:836بتغیر قلیل ۔) 

امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه   نصيحت جا مدني گُل ڏيندي فرمائن ٿا:

مال و دولت کے عاشِقوں کی ہر               آرزو  ناتَمام  ہوتی  ہے([1])

وضاحت: يعني دنيا جو حريص ۽ لالچي شخص هميشه پنهنجي نفساني خواهشن جي پُٺيان هلندو رهندو آهي ايستائين جو مرڻ گهڙيءَ تائين ان جي خواهش پوري ناهي ٿيندي پوءِ اهو پنهنجي دل ۾ خواهشن جو باغ سجائي قبر ۾ لهي ويندو آهي.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:495۔