Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
پيسا نڪري چڪا هوندا آهن، ۽ ان کي خبر به ناهي پوندي. مطلب ته دوکو ڏيڻ جا اهڙا ته انداز اچي ويا آهن جو چڱي ڀلي ماڻهوءَ جو دماغ خراب ڪري ان کي ڦُري هليا ويندا آهن، هو پنهنجي هٿن سان پنهنجو جمع ڪيل مال ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ کيس خبر به ناهي پوندي.
اهي دوکو ڏيڻ وارا ماڻهو ربّ قَهَار کان ڊڄندا ناهن، دوکي ذريعي مال ڦري ڪري خوشيون ملهائيندا آهن جڏهن ته جنهن کي دوکو ڏنو وڃي، اُن ويڇاري جي زندگي جي اُجڙي ويندي آهي، ان جا ٻار ٻچا بُک کان تڙپندا آهن، گهر جو چُلهو ناهي ٻرندو، ايستائين جو دوکو کائڻ وارن جي خودڪشين جا واقعا به موجود آهن.
الله پاڪ انهن دوکو ڏيڻ وارن کي هدايت نصيب فرمائي. مسلمان کي دوکو ڏيڻ سخت گناھ، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.
حديث شريف ۾ آهي: 3 شخص جنّت ۾ داخل نه ٿيندا، انهن مان هڪ دوکيباز به آهي. (ترمذی،کتاب البر و الصلۃ ،باب ما جاء فی البخل،صفحہ:479 ،حدیث:1963ملتقطًا۔)
اي عاشقانِ رسول! هيءَ دنيا جي دولت عام طور تي جنهن جي لالچ ۾ اچي ڪري دوکو ڏنو ويندو آهي، ياد رکو! هيءَ دولت بي وفا آهي، ان جي لالچ انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي. احياءُ العلوم جي شرح ۾ اِهو واقعو لکيل آهي ته هڪ ڀيري هڪ شخص کي ڪٿان کان سُون هٿ آيو، اُهو ان کي چادر ۾ ويڙهي ڪري اڪيلو ئي گهر جي طرف روانو ٿيو. رستي ۾ ان کي 2 شخص مليا، انھن جڏھن ڏٺو ته ھن وٽ سون آھي ته ان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا ته جيئن سون کسي وٺون. ان شخص جان بچائڻ