Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

پڙهي وٺو! سنتون سکڻ جو هڪ اهم ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر به آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                                                                                  ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

رَبّ کے در پر جھکیں، التجائیں کریں                                                            بابِ رحمت کھلیں، قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(3)  مسلمان کي دوکو ڏيڻ وارو  اسان مان ناهي

الله پاڪ  جي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: مَنْ غَشَّنَا فَلَیْسَ مِنَّا يعني جنهن اسان کان دوکو ڪيو اهو اسان مان ناهي. (مسلم،کتاب الایمان،باب قول النبی ...الخ،صفحہ:57،حدیث:101۔)  يعني جنهن مُسلمانن کي دوکو ڏنو، اهو اسان جي جماعت مان ناهي. (مرآۃ المناجیح،جلد:5 ،صفحہ:254خلاصۃً۔)

اي عاشقانِ رسول!  اهو به اسان جي معاشري جو هڪ سياھ پهلو آهي، اڄڪلھ دوکو ايترو ته عام ٿي ويو آهي جو بس.... الله پاڪ جي پناھ! دوکو ڏيڻ جا اهڙا ته انداز اختيار ڪيا وڃن ٿا جو بيان ڪرڻ کان به ڊپ ٿو ٿئي.  *  ڪاروبار ۾ دوکو   *  ماپ تور ۾ دوکو.  *  اَصۡل ٻڌائي ڪري نقل شيون وڪڻيون وينديون آهن.   *  موبائل جي ذريعي دوکو ڏنو ويندو آهي.  *  اهڙيون موبائل ايپليڪيشنز موجود آهن، جن جي ذريعي دوکو ڏنو ويندو آهي  *  ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي ڪري.  *  پنهنجي طرفان ڏکارا داستان ٺاهي، ماڻهن کي ٻڌائي، ماڻهن مان پيسا ڪڍيا ويندا آهن.  *  ڪجھ منٽ جي ڪال ڪرڻ خاطر موبائل وٺندا آهن ۽ اهڙا فنڪشن استعمال ڪندا آهن جو ماڻهو جا