Wo Hum Mein Se Nahi

Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi

سنت تي عمل جي برڪت سان مغفرت ٿي وئي

امام ذهبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا: علامه هِبةُ  الله طَبَري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو انتقال ٿيو ته حضرت علي بن حسين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهکيس خواب ۾ ڏسي پڇيو: الله پاڪ ساڻس ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ڏنائين: الله پاڪ منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي. عرض ڪيائين: ڪهڙي سبب؟ فرمايائون: سُنت تي عمل ڪرڻ جي سبب.

 (سیر اعلام النبلاء،رقم:3788،ہبۃ اللہ بن الحسن بن منصور،جلد:13،صفحہ:270 ملتقطًا۔)

سُبْحٰنَ اللہ! ڏٺو توهان سُنت تي عمل ڪرڻ مغفرت جو ذريعو بڻجي ويو. يقيناً  اهو شخص ڪامياب و ڪامران آهي جيڪو فرائض و واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ رسول ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنتن کي پنهنجي معمول جو حصو بڻائي ڇڏي. (تاریخِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔)

پيارا اسلامي ڀائرو!  اسان جي معمولات مان ڪيئي اهڙا ڪم آهن جن کي  اگر سُنت جي مطابق ڪيو وڃي ته اسان ثواب جا حقدار بڻجي سگهون ٿا مثلاً سُنت جي مطابق کائڻ پيئڻ، هلڻ ڦرڻ، سمهڻ جاڳڻ، مسواڪ ڪرڻ، لباس پائڻ، جوتا پائڻ، لاهڻ، تيل لڳائڻ، ننهن ڪٽڻ، گفتگو ڪرڻ وغيره، جيڪڏهن اسان اهي سڀئي ڪم سُنت جي مطابق ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڏينهن رات ۾ هزارين نيڪيون ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

تِری سنَّتوں پہ چل کر مری روح جب نکل کر              چلے تو گلے لگانا مَدنی مدینے والے

تِرے نام پر ہو قرباں مِری جان،جانِ جاناں     ہو نصیب سَر کٹانا مَدنی مدینے والے

 پيارا اسلامي ڀائرو! روزمره جي معمولات جي متعلق سوين سنتون سکڻ جي لاءِ بهار شريعت حِصّو 16 ۽ امير اهل سنت جو رسالو 550 سنتون ۽ آداب