Book Name:Wo Hum Mein Se Nahi
عالم سڳورا هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: مطلب اهو آهي ته جيڪو ٻانهو ڪنهن سُنت کي بُرو ڄاڻي، اهو اسلام کان خارج آهي ۽ جيڪو بلاعُذر سُنت ڇڏڻ جو عادي هجي اهو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پسنديده ۽ پرهيزگار ماڻهن مان ناهي. (مرآۃ المناجیح،جلد:1 ،صفحہ:151 بتغیر قلیل۔)
اسان جي مُعاشري جو هڪ ڪمزور پهلو اهو به آهي، اسان وٽ سنتن کان تمام گهڻي دوري آهي، سنتن تي عمل ڪرڻ ته بعد جي ڳالھ آهي، کوڙ ماڻهن کي سُنتن جي معلومات ئي نه هوندي آهي؟ پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئن هلندا هئا؟ ويهندا ڪيئن هئا؟ کاڌو کائڻ جو انداز ڇا هيو؟ آرام ڪيئن فرمائيندا هئا؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون پياريون ادائون ڪهڙيون هيون،؟ هن جي معلومات ئي ناهي هوندي. ها! نئون فيشن ڪهڙو هلي رهيو آهي، اهو ضرور معلوم هوندو آهي؟ اڄڪلھ مارڪيٽ ۾ موبائل جو نئون ماڊل ڪهڙو آيو آهي؟ ڪار جو ڪهڙو نئون ماڊل ڪهڙو آيو آهي؟ اڄڪلھ ڪپڙن ۾ نئون فيشن ڪهڙُو هلي رهيو آهي. نئين ٽيڪنالوجي، دنيا جي هر ڪنڊڪڙڇ جون خبرون، سڀ ڪجھ معلوم هوندو آهي پر افسوس! آمنه جي لال، رسول بيمثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جي معلومات گهٽ هوندي آهي ۽ جن سنتن جي باري ۾ خبر آهي به، ته انهن تي به عمل ناهي ٿي سگهندو، مثلاً ڏاڙهي مبارڪ ئي کي ڏسي وٺو! ڪهڙو مسلمان آهي جنهن کي خبر ناهي ته ڏاڙهي رکڻ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري سُنّت آهي پر ڪو ٻين کان شرمائيندو آهي، ڪنهن کي نوڪري جي فڪر ستائيندي آهي، ڪو ڪنهن سبب سان ته ڪو ڪجھ وجھ سان سُنت اپنائڻ کان محروم رهجي ويندو آهي. ڪاش! اسان کي سنتن سان محبت نصيب ٿي وڃي.
خدا و مصطَفٰے ناراض ہوتے ہیں سنو ان سے جو داڑھی کو مُنڈاتے ہیں یامُٹّھی سے گھٹاتے ہیں ([1])