Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو؛ حضور! مان واپار جي لاءِ قافلي سان گڏ ملڪِ شام وڃي رهيو آهيان۔ توهان کي دعا جي لاءِ درخواست آهي.
وليءَ ته آخر وليءَ هوندا آهن، سندن نگاھ لوح محفوظ کي به ڏسي وٺندي آهي، جيئن ته شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندس تقدير جو حال ڄاڻي ڪري، غيب جي خبر ڏيندي فرمايو؛ ”توهان پنهنجو سفر ملتوي ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ويندؤ ته ڌاڙيل توهان جو سڄو مال به ڦُري ويندا ۽ توهان کي به قتل ڪري ڇڏيندا.“
واپاري اهو ٻُڌي ڪري ڏاڍو پريشان ٿيو، انهيءَ پريشانيءَ جي عالم ۾ واپس موٽي رهيو هو ته رستي ۾ حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملاقات ٿي وئي. پڇيائون؛ ڇو پريشان آهيو؟ ان سمورو واقعو ٻڌايو، ته حضورغوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايو؛ ”پريشان نه ٿيو شوق سان ملڪِ شام جو سفر ڪريو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه سڀ بهتر ٿي ويندو۔“
تاجر ابو مظفر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڳالھ مڃي ۽ قافلي سان ملڪ شام روانو ٿي ويو، ان کي ڪاروبار ۾ گهڻو فائدو ٿيو، دوران سفر ابو مظفر هڪ ڀيانڪ خواب ڏٺو ته ڌاڙيلن قافلي تي حملو ڪري سڄو مال ڦري ورتو آهي ۽ سندن کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي، خوف منجهان ان جي اک کلي وئي، گهٻرائي اٿيو ته اتي ڪو ڌاڙيل وغيره نه هو. بهرحال هُو تمام گهڻو منافعو ڪمائي خوشي خوشي بغداد شريف واپس وريو ۽ سوچڻ لڳو ته پهريان غوثِ اعظمرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان مِلان يا شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان؟ اتفاق سان رستي ۾ ئي حضرت شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ملي ويا ۽ ڏسندي ئي فرمائڻ لڳا، پهريان غوثِ اعظمرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملو جو هو محبوبِ ربّاني آهن، انهن توهان جي حق ۾ 17 ڀيرا دعا گهري هئي، جنهن جي برڪت سان توهان جي تقدير بدلي، جنهن جي مون توهان کي خبر ڏني هئي. الله پاڪ توهان سان ٿيڻ واري واقعي کي غوثِ