Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

نسخو آهي. * هن جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.
  اوهان به هي رسالو خريد ڪيو! روزانو پنهنجو جائزو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو. * اخلاق سٺا ٿيندا. * ڪردار چڱو ٿيندو، * عادتون بهتر ٿينديون. * نيڪين تي استقامت ملندي. * گناهن کان نفرت ٿيندي. *دل روشن ٿيندي. * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي. * عشق رسول ۾ اضافو ٿيندو. * روحانيت ملندي ۽. * فڪر آخرت نصيب ٿيندي. * نيڪ اعمال نالي ايپلي ڪيشن به موجود آهي وڌيڪ آساني گهرو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾( Naik Amaal)  نالي ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ۽ روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو.!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

پورو گهراڻو سُڌري ويو

ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارف (Introduction) ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري