Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

اسلامي، فيضانِ غوثِ پاڪ آهي، فيضانِ خواجه ۽ رضا بلڪه فيضانِ اولياء آهي، اولياءِ ڪرام جي مبارڪ تعليمات سکڻ، سندن سيرت مان روشني کڻي ڪري پنهنجي زندگي چمڪائڻ، سينو مدينو بڻائڻ يعني پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ۽ سنّتن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال به آهي. * الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لۡتَنۡظُرۡ  نَفۡسٌ مَّا قَدَّمَتۡ لِغَدٍ ۚ   (پ28، الحشر:18)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ هر ساھ ڏسي ته ان سڀاڻي جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي.

 * رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو مُحاسبو ۽ مرڻ کان بعد جي لاءِ عمل ڪري. (ترمذی، ابواب صفۃ القیامۃ، صفحہ:583، حدیث:2459). * پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي اعمال جو جائزو وٺون. * دور حاضر ۾ امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسالو نيڪ اعمال  (مبلغ کي گهرجي ته نيڪ اعمال جو رسالو پاڻ وٽ رکي ۽ ڏيکاري به)  *وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن. * روزانو سوال پڙهي ڪري پنهنجو جائزو وٺي ڪري خانا ڀرڻا هوندا آهن. * صحيح اسلامي زندگي گذارڻ جو اهو بهترين