Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

جو پاڻي وڌڻ شروع ٿيو ايسيتائين جو ڪنارن کان نڪري زمين تي وهڻ لڳو. حضرت شيخ سليمان جزولي رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه  وضو ڪري فارغ ٿيا ته اُن باڪمال ٻارڙي کان پڇيائون: مان توکي قسم ڏئي پڇان ٿو ته تو اهو ڪمال ڪٿان حاصل ڪيو؟ ان ٻارڙي جواب ڏنو: مان رسولِ ڪريم، رؤف رّحيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهندي آهيان. اهو ٻڌي حضرت شيخ سليمان جزولي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قسم کنيو ته مان نبي ڪريم
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف پڙهڻ جي موضوع تي ڪتاب ضرور لکندس.

(سعادۃ الدارین،الباب الرابع  فیماورد من لطائف...الخ،اللطیفۃ الخامسۃ عشرۃ بعد المائۃ،صفحہ:158۔)

 صَلُّـوْا  عَلَـی   الْـحَـبِـيْـب !                                                                        صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته نبي رحمت، شفيع اُمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بابرڪت ذات تي ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ واري ٻارڙي کي الله پاڪ ڪهڙي ته شاندار ڪرامت عطا فرمائي جو سندس ٿڪ سان کوھ جو پاڻي ڪنارن کان نڪري زمين تي وهڻ لڳو، ڪاش هن باڪمال ٻارڙي جي صدقي ۾ اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي به ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿيندي رهي.

الحمدلله! دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن سان گڏوگڏ ٻار ۽ ٻارڙيون به تسبيح ساڻ رکندا آهن ۽ مڪي مدني سرڪار، محبوب ربّ غفار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات تي ڪثرت سان درود ۽ سلام پيش ڪندا آهن. خاص ڪري دعوت اسلامي جي جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه بوائز ۽ گرلز جا ڪجھ شاگرد ۽ شاگردياڻيون روزانو ڪثير تعداد ۾ درود شريف