Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام سندن ماسڙ آهن، حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها کي حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڪفالت ۾ ڏنو ويو، ([1])مسجد اقصيٰ شريف ۾ هڪ حجرو هيو، حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام انهن کي اُتي رکيو، حجري جي چاٻي حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام وٽ هوندي هئي، سندن کان علاوه نه ڪو اندر ويندو هيو، نه ڪو ٻاهر نڪرندو هيو، ان جي باوجود حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن حُجري ۾ ويندا هئا ته اُتي بي موسمي ميوا ڏسندا هئا، ([2]) اُهي ميوا جيڪي انهن ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ نه ملندا هئا، اهي ميوا حضرت بيبي مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي ڪمري ۾ موجود هوندا هئا، هاڻي حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها کان پڇيو: اي مريم! هي ميوا تو وٽ ڪٿان کان اچن ٿا؟ حضرت بيبي مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جيڪو ايمان اَفروز جواب ڏنو، اهو دل جي ڪنن کان ٻڌو!
ہُوَ مِنۡ عِنۡدِ اللّٰہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ یَرۡزُقُ مَنۡ یَّشَآءُ بِغَیۡرِ حِسَابٍ ﴿۳۷﴾
ترجموڪنزالعرفان: هي الله جي طرفان آهي بيشڪ الله جنهن کي چاهيندو آهي بيشمار رزق عطا فرمائيندو آهي. (پارہ:3، آل عمران:37)
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيترو نرالو ۽ ايمان اَفروز جواب آهي، هتي ڏسو ڪيترين ڪرامتن جو ذڪر آهي. * حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جو ننڍي عُمر ۾ ڪلام ڪرڻ، اها هڪ ڪرامت آهي. * ان عمر ۾ جڏهن ٻارن کي صحيح ڳالهائڻ به ناهي ايندو، اُن عمر ۾ حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جو الله پاڪ کي سڃاڻڻ، ان جي صفتن کي ڄاڻڻ ته هُو رزاق به آهي، اهو خالق به آهي، اهو عظيم قدرتن وارو به آهي، اهو پنهنجي ٻانهن کي غيب مان بي موسمي ميوا عطا فرمائي سگهي