Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
اطهار رَضِىَ الله عَنْه م يا اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه م جي شان ۾ نازيبا جملا بڪيندو آهي ته دل ۾ ان جي خلاف نفرت ويهي ويندي آهي، پوءِ دل ان جي ڪابه ڳالھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي هوندي. ايئن انسان الله ۽ رسول جي محبت جي برڪت سان، اولياءِ ڪرام جي محبت جي برڪت سان فتنن جو شڪار ٿيڻ کان بچي ويندو آهي. خبر پئي، ته اولياءِ ڪرام جي محبت، صحابه و اهل بيت جي محبت ايمان جي مضبوط رسي آهي، جيستائين اسان اها رسي مضبوطي سان پڪڙي رکي آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان محفوظ آهي، جيڪڏهن اها رسّي هٿ مان ڇڏائجي وئي ته فتنن کان ڀريل هن دنيا ۾ ايمان بچائڻ سخت مشڪل ٿي ويندو.
کٹی غفلتوں میں زندگانی نہ جانے حشر میں کیا فیصلہ ہو
کرم ہو واسطہ کُل اولیا کا مِرا ایماں پہ مولیٰ خاتمہ ہو
اِلٰہی ہوں بہت کمزور بندہ نہ دُنیا میں، نہ عقبیٰ میں سزا ہو([1])
انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته * صحابه ۽ اهل بيت سان * اولياءِ ڪرام سان خوب خوب محبت ڪيون * ان پاڪيزه ۽ ايماني محبت کي دل ۾ قائم رکڻ جي لاءِ ڪوششون به ڪندا رهون * انهن جي پاڪيزه سيرت پڙهندا رهون * انهن جي ذڪر جون محفلون سجائيندا رهون * صرف ۽ صرف عاشقانِ صحابه و عاشقانِ اولياءِ جي صحبت ۾ ويهون. * انهن سان ئي دوستي رکون * اوَّل ته سوشل ميڊيا جو استعمال ئي سخت خطرناڪ آهي، جيڪڏهن سوشل ميڊيا استعمال ڪيون به ته ان ۾ صرف ۽ صرف عاشقانِ رسول، عاشقانِ صحابه