Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
رمضان جا روزا. فرمايائون: روزا به بهترين عبادت آهن پر منهنجي سوال جو جواب اهو به ناهي. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: جهاد. فرمايائون: هيءُ به بهترين عبادت آهي پر منهنجي سوال جو جواب ڪجھ ٻيو آهي. پوءِ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ئي جواب ڏيندي ارشاد فرمايو: بيشڪ ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي اها آهي ته توهان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ(ان جي ٻانهن مثلاً اولياءِ ڪرام سان) محبت ڪيو! (مسندِ امام احمد،جلد:7،صفحہ:532،حدیث:19027 ملتقطًا۔)
اَلحَمۡدُلله! هن مان معلوم ٿيو ته ايمان کي سلامت رکڻ جي لاءِ سڀ کان مضبوط رسي ايماني محبّت آهي. اها نهايت اهم ڳالھ آهي، محبت انسان کي ڀٽڪڻ ناهي ڏيندي. جيڪي به عاشقانِ رسول آهن، عاشقانِ اولياءَ آهن، اهي پنهنجو پنهنجو جائزو وٺن، ڪيترائي اهڙا هوندا جو انهن کي شيطان وسوسا ڏياريندو آهي. * ته نماز قضا ڪري ويهندا آهن. * روزا رکڻ ۾ سُستي ٿي ويندي آهي ايئن نه ٿيڻ گهرجي، غلط ڳالھ آهي. * نماز قضا ڪرڻ. * روزا نه رکڻ هي گناھ جو گم آهي پر جيڪا ڳالھ مان عرض ڪرڻ چاهيان ٿو، اها هيء آهي ته جيڪڏهن دل ۾ الله ۽ ان جي رسول جي محبت موجود آهي، اولياءِ ڪرام جي محبت موجود آهي ته دعوا سان چوان ٿو ته ڪڏهن به * الله پاڪ * ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم * صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان * اهل بيت اطهار * اولياءِ ڪرام جي متعلق گستاخي وارو خيال نه آيو هوندو.
هاڻي تائين اَلحَمۡدُلله! مسلمانن ۾ ايتري غيرت موجود آهي، وڏا وڏا فتنا پيدا ٿيندا آهن، ماڻهو فتنا پکيڙڻ وارن جي طرف مائل ٿي ويندا آهن پر جڏهن سامهون وارو الله پاڪ جي شان ۾ غلط ڳالهائيندو آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي گُستاخي ڪندو آهي، صحابه ڪرام، اهل بيت