Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

معاذ بن جبل  رَضِىَ الله عَنْه  آهي. حضرت ادريس خولاني  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: (ان وقت ته مان واپس هليو ويس) اڳئين ڏينهن منهنجي دل چاهيو ته مان صبح سڀني کان پهريان مسجد ۾ پڄندس! پر جڏهن مان مسجد ۾ پهتس ته حضرت معاذ بن جبل  رَضِىَ الله عَنْه  مون کان پهريان مسجد ۾ تشريف فرما هئا، پاڻ  رَضِىَ الله عَنْه  نماز پڙهي رهيا هئا، جڏهن پاڻ  رَضِىَ الله عَنْه  نماز کان فارغ ٿيا ته مون اڳتي وڌي  سلام ڪيو، پوءِ عرض ڪيو: وَاللہِ اِنِّی لَاُحِبُّکَ لِلہِ يعني خدا جو قسم! مان اوهان سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪيان ٿو. حضرت معاذ بن جبل  رَضِىَ الله عَنْه  اهو ٻڌي ڪري فرمايو: ڇا تون هن ڳالھ تي قسم کڻين ٿو؟ مون عرض ڪيو: جي ها! خُدا جو قسم مان اوهان سان محبت ڪيان ٿو.پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: هاڻي حضرت معاذ بن جبل  رَضِىَ الله عَنْه  منهنجي چادر جو دامن پڪڙي مون کي ٿورو پنهنجي طرف قريب ڪيو، پوءِ فرمايائين: توکي مبارڪ هجي. بيشڪ مون رسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  کان ٻڌو آهي ته الله پاڪ فرمائي ٿو: جيڪي ماڻهو منهنجي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت رکندا آهن، انهن جي لاءِ منهنجي محبت واجب ٿي وئي.

(مؤطا امام مالک،کتاب الشعر،باب ما جاء فی المتحابین فی اللہ ،صفحہ:503،حدیث:1828ملتقطًا۔)

الحاج مفتي احمد يار خان نعيمي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن حديث شريف جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني اهو ٿئي نٿو سگهي جو ڪو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ سندن ٻانهن کان پيار ڪري ۽ الله پاڪ ان سان محبت نه ڪري (جيڪو به الله پاڪ جي ٻانهن سان صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪندو آهي، لازمي طور تي اهو الله پاڪ جو پيارو بڻجي ويندو آهي). مُفتي صاحب  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  وڌيڪ فرمائن ٿا: الله پاڪ کي سجدو ڪرڻو هجي ته ڪعبي جي طرف منهن ڪري سجدو ڪيو! انهيءَ طرح جيڪڏهن الله پاڪ سان محبت ڪرڻي هجي ته ان جي ٻانهن کان محبت ڪيو!.  (مرآۃ المناجیح،جلد:6،صفحہ:591- 592 بتغیر قلیل۔)