Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
محبت ڪرڻ وارا آهن.
(ابو داؤد،کتاب البیوع،باب فی الرہن،صفحہ:561،حدیث:3527ملتقطًا۔)
اي عاشقانِ رسول! هونئن ته اَلحَمۡدُلله! اسان اولياءِ ڪرام ئي جو صدقو کائون ٿا پر ٿورو غور ڪيو، اسان مان ڪيترا ماڻهو آهن جن کي غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 10، 20 مربي جو پلاٽ ڏنو هجي؟ ڪير آهي اهو جنهن جي خواب ۾ اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف کڻي آيا ۽ 50 هزار جو چيڪ ڏئي ويا؟ شايد ڪوبه اهڙو نه ملندو. پوءِ انهن سان محبت ڇو ڪيون ٿا؟ نهايت سادو سوال آهي: غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دور مبارڪ ۾ بادشاھ ڪير هيو؟ ان دور ۾ وزير ڪير هيو؟ شايد گهڻائي اهڙن ماڻهن جي هوندي، جيڪي اُن دور جي بادشاھ يا وزير يا وڏن وڏن مالدارن جا نالا به نه ڄاڻيندا هوندا پر قربان وڃجي!. * غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو به معلوم آهي. * ان جي سيرت جا واقعا به معلوم آهن. * سندن ڪرامتون به معلوم آهن. * انهن جي نالي سان محفلون ٿين ٿيون. * انهن جي نالي جي يارهين شريف به ڪندا آهيون، آخر ڇا سبب آهي؟ پنهنجي دل کان پڇي ڏسو! صرف هڪ جواب ملندو: * غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا ٻانها هئا. * اهي راتين جو عبادت ڪندا هئا. * غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزا رکڻ وارا هئا. غُوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نمازون پڙهڻ وارا هئا. * ڇوته هُو الله پاڪ جا محبوب ٻانها هئا. انهي ڪري اسان انهن سان محبت ڪيون ٿا.
۽ جيڪي صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا خاطر هڪٻئي سان محبت ڪرڻ وارا آهن، انهن جي ڇا ته شان آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: انهن جا چهرا نُور سان چمڪي رهيا هوندا، روشني سان ڍڪيل هوندا ۽ هُو اُن وقت بي خوف هوندا، جڏهن ماڻهو خوف زده هوندا ۽ جڏهن ماڻهو غم ۾ ورتل هوندا، اُن وقت هو غمگين نه ٿيندا.