Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

يعني عالم ارواح ۾) هڪ ٻئي کان واقف هئا، (دنيا ۾ اچي ڪري به انهن کان) محبت ڪندا آهن ۽ جيڪي اُتي پاڻ ۾ اجنبي ٿي رهيا، اُهي هتي به الڳ ئي رهندا آهن.

(مسلم،کتاب البر و الصلۃ و الآداب،باب الارواح جنود مجندۃ،صفحہ:1017،حدیث:2638۔)

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف تي غور ڪيو! هن دنيا ۾ اسان جا ڪيترائي واقف هوندا آهن، ڪو اهڙو هوندو آهي جنهن سان اسان محبت ڪندا آهيون، ڪجھ اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن سان صرف دعا سلام هوندي آهي، ڪجھ وري اهڙا به هوندا آهن جن کي اسان سڃاڻيندا ته آهيون، نالي جي به خبر هوندي آهي، شڪل سان به واقف هوندا آهيون پر انهن سان ڪا دعا سلام ناهي هوندي ۽ هزارين لکين ماڻهو دنيا ۾ اهي آهن، جن کي اسان سڃاڻيندا ئي ناهيون، اصل ڳالھ ڇا آهي؟ اصل ۾ ڳالھ هيءَ آهي ته جن سان اسان جي روحن جي دنيا ۾ چڱي طرح ڄاڻ سڃاڻ هئي، انهن سان دنيا ۾ به اچي ڪري چڱي واقفيت ٿي ويندي آهي، جن سان اُتي واقفيت نه هئي، انهن سان هتي اچي ڪري به واقفيت ناهي هوندي.

هاڻي ٿورو غور ڪيو!   * جن جي دلين ۾ حضور غوث پاڪ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي محبت موجود آهي.  *  جيڪي خواجهءِ اجير  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  سان محبت ڪن ٿا.  * جيڪي داتا حضور  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  سان محبت ڪن ٿا.  * جيڪي بابا فريد  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جا چاهڻ وارا آهن.  * جيڪي خواجه نظام الدين  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي محبت دل ۾ رکن ٿا.  * جيڪي منهنجي رضا سيدي اعلي حضرت  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي محبت ۾ ڏينهن رات گذارين ٿا.  *  اهي ڪيترا ته خوش نصيب ماڻهو آهن.  * ڪيترا ته پاڪيزه طبيعت انسان آهن. هن حديث شريف مان معلوم ٿي رهيو آهي ته اسان جي دلين ۾ غوث پاڪ ۽ خواجه جي محبت، اولياءِ ڪرام جي محبت اڄ کان نه آهي