Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ڪڏهن رکيو ويو؟
پياري ۽ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ولادت مبارڪ ٿي وئي ته سندن ڏاڏي سائين حضرت عبدالمطب رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سندن نالو پاڪ مُحَّمد رکيو ۽ ان بابت ڪيئي روايتون به آهن ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ خواب ڏٺو، جنهن جي تعبير ۾ ٻڌايو ويو ته سندن جي اولاد مان هڪ شخص ايندو، جنهن جي اوڀر ۽ اولھ وارا سڀئي پيروي ڪندا ۽ زمين ۽ آسمان ۾ انهن جي تعريف ڪئي ويندي، انهيءَ طرح پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري امڙ سائڻ سيّده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْها به هڪ خواب ڏٺو: ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هو: اي آمنه! اوهان وٽ هن اُمّت جو سردار اچڻ وارو آهي، جڏهن انهن جي ولادت ٿي ته سندن نالو مُحَمّد رکجو! سو جڏهن سندن ولادت باسعادت ٿي ته انهن جو نالو مبارڪ محمد رکيو ويو. (مواہب اللدنیہ،المقصد الثانی،الفصل الاول فی ذکر اسمائہ الشریفہ…الخ،جلد:1،صفحہ:364ملتقطًا۔ )
هي سڀ ڳالهيون هن ظاهري دنيا جي اعتبار سان آهن، نه ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو نالو پاڪ محمد ڪڏهن رکيو ويو هيو، علامه ابن جوزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: جڏهن الله پاڪ پنهنجي نور مان مصطفي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نُور کي پيدا ڪيو ته ان پاڪ نور ربّ ڪريم جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيو، پوءِ جڏهن سجدي کان مٿو کنيو ته چيائين: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ (سڀئي تعريفون الله جي لاءِ آهن). ان وقت ربّ ڪائنات فرمايو: لِذٰلِکَ خَلَقْتُکَ وَ سَمَّیْتُکَ مُحَمَّدًا يعني اي پيارا محبوب! مان اوهان کي انهيءَ ڪري بڻايو ۽ اوهان جو نالو محمد رکيو. (شہد سے میٹھا نامِ محمد،صفحہ:28-29)
آنکھوں کا تارا نامِ مُحَمَّد دِل کا اُجالا نامِ مُحَمَّد
اللہُ اکبر رَبُّ العلا نے ہر شَے پہ لکھا نامِ مُحَمَّد
ہیں یُوں تو کثرت سے نام لیکن سب سے ہے پیارا نامِ مُحَمَّد
شیدا نہ کیوں ہوں اس پر مسلماں رَبّ کو ہے پیارا نامِ مُحَمَّد([1])