Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري نالي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي سان قرآن ڪريم جي هڪ پوري سورت به موجود آهي، جيڪا 26 سيپاري ۾ آهي.
ان کان علاوه اسمِ محمد قرآن ڪريم ۾ ڪُل 4 ڀيرا آيو آهي: (1) سيپارو:4، سورت آل عمران، آيت:144 ۾ (2) سيپارو: 22 سورت اَحزاب، آيت: 40 ۾ (3) سيپاري 26، سورت مُحمّد، آيت: 2 ۾ ۽ (4)؛ سيپارو 26، سورت فتح، آيت: 29 ۾. اچو! حصول برڪت جي لاءِ انهن مان هڪ آيت ڪريمه ٻُڌي وٺون ٿا. الله پاڪ فرمائي ٿو.
مَا كَانَ مُحَمَّدٌ اَبَاۤ اَحَدٍ مِّنْ رِّجَالِكُمْ وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمًا۠(۴۰)
(پارہ:22، الاحزاب:40)
ترجموڪنزالعرفان: محمد توهان جي مَردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻڻ وارو آهي.
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!([1])