Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

آهن، انهي ڪري هر مخلوق ۾ هر جڳھ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري نالن جي ڌوم آهي. تابعي بزرگ حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: * جنت وارن ۾ سندن نالو عَبْدُ الْکَرِیْم آهي. * دوزخ وارن ۾ عَبْدُ الْجَبَّار آهي* عرش وارن ۾ عَبْدُ الْحَمِیْد آهي * ملائڪن ۾ عَبْدُ الْمَجِیْد آهي * انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام وٽ عَبْدُ الْوَہَّاب آهي * جنن ۾ سندن نالو عَبْدُ الرَّحیْم آهي * جبل سندن عَبْدُ الْخَالِق چوندا آهن. * خشڪي ۾ سندن نالو عَبْدُ الْقَادِر  آهي * سمنڊن ۾ عَبْدُ المُہَیْمِن آهي. * مڇيون کيس عَبْدُ القُدُّوس چونديون آهن. * وحشي جانور کيس عَبْدُ الرَّزَّاق چوندا آهن. * شيطان وٽ عَبْدُ الْقَہَّار  آهي، * درندا(يعني چيرڦاڙ ڪرڻ وارا جانور) کيس عَبْدُ السَّلَام چوندا آهن  * چوپايا(مثلاً ڳئون، مينهن ٻڪري وغيره) کيس عَبْدُ الْمُؤْمِن  جي نالي سان سڃاڻن ٿا * پکي عَبْدُ الْغَفَّار جي نالي سان پڪاريندا آهن * الله پاڪ وٽ سندن نالو طٰہٰ آهي ۽ مؤمنن وٽ سندن سڀني کان مشهور ۽ معروف نالو مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ۽ سندن ڪنيت مبارڪ: ابو القاسم آهي ڇوته پاڻ جنت تقسيم ڪرڻ وارا آهن. صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  . ( القول البدیع،الباب الاول،الفصل الرابع فی بیان اسمائہ،صفحہ:84 ملتقطًا۔)

ملی رہنمائی مُحَمَّد کے صدقے                                  بنی ہے خُدائی مُحَمَّد کے صدقے

یہ شمس و قمر، کہکشاں اور تارے                             یہ محفل سجائی مُحَمَّد کے صدقے

بنی ہے کسی کی جو بگڑی کسی سے                              خُدا نے بنائی مُحَمَّد کے صدقے

سبھی مشکلیں ان کی آسان ہوں گی                            جو دَیں گے دُہائی مُحَمَّد کے صدقے