Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
ساڄي هٿ ۾ اعمالنامو ملي ويو، اهو جنت ۾ ويندو. انهيءَ طرح دنيا ۾ مصيبت ۽ پريشاني جي وقت ابتو سبتو ڳالهائڻ بدران چڱا جملا واتان ڪڍڻ جي عادت بڻايو، مثال طور ڪا مشڪل اچي، پريشاني اچي ته اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهڻ جي عادت بڻايو، حَسْبِیَ اللہ (مونکي الله ئي ڪافي آهي) چئو! يارسولله! مدد...!! چوندا ڪيو، جيڪڏهن اوهان اهڙا سٺا جملا چوڻ جي عادت بڻائيندؤ ته جڏهن قبر ۽ حشر جي گهٻراهٽ جو سامنو ٿيندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عادت جي مطابق زبان مان اهي ئي جملا نڪرندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته مشڪل آسان ٿي ويندي آهي،
مُحَمَّد کا لطف و عطا اللہ! اللہ! مری رُوح و دِل پر ہُوا اللہ! اللہ!
مُحَمَّد مُحَمَّد وظیفہ ہے میرا مُحَمَّد کی ہر دَم نِدا اللہ! اللہ!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارن نالن کي شمار ڪرڻ ممڪن نه آهي
اي عاشقانِ رسول! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بلند شانن منجهان هڪ شان اهو به آهي ته سندن کوڙ نالا آهن، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري سيرت تي لکيل ڪتاب مواہِبُ اللَّدُنیہ ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 800 نالا مبارڪ لکيل آهن. سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون جڏهن تحقيق ڪئي ته 1400 نالا مليا، وڌيڪ فرمائن ٿا: (هي ته اهي نالا آهن جيڪي منهنجي علم ۾ آهن، نه ته) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ نالن کي شمار ڪرڻ ممڪن نه آهي. (فتاویٰ رضویہ،جلد:28 ،صفحہ:365-366 خلاصۃً)
اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڇوته تمام مخلوق جا نبي