Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
قبر جي سوالن کان ڇوٽڪارو ملي ويو
منقول آهي: (مراڪش جي شهر) فاس ۾ هڪ نيڪ عورت رهندي هئي، ان جي عادت هئي ته جڏهن به ان کي ڪا تنگي، پريشاني ايندي هئي ته اها ٻئي هٿ پنهنجي منهن تي رکندي ۽ اکيون بند ڪري چوندي هئي: مُحَمّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (سو نالي محمد جي برڪت سان ان جي پريشاني دور ٿي ويندي هئي). جڏهن ان عورت جو وصال ٿيو ته ڪنهن عزيز کيس خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: اوهان قبر ۾ سوال ڪرڻ وارن ٻن ملائڪن مُنۡڪَر نَڪِيۡرکي ڏٺو؟ ان جواب ڏنو: ها! اهي مون وٽ آيا هئا. انهن کي ڏسي ڪري مون پنهنجي عادت مطابق ٻئي هٿ پنهنجي منهن تي رکي ڪري چيو: محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم. جڏهن مون منهن تان هٿ هٽايا ته اهي ٻئي ملائڪ وڃي چڪا هئا. (شواہد الحق،الباب السادس ،الفصل الثانی فی ذکر من استغاث بہ ...الخ،صفحہ:230 ملتقطًا۔)
گنہگاروں کی اس سے مشکلیں آسان ہوتی ہیں
نہ کیونکر سب سے بڑھ کر نام ہو پیارا مُحَمَّد کا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان اَفروز واقعي ۾ جتي اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري نالي مُحَمّد جي برڪتن جو ذڪر آهي، گڏو گڏ هن مان اهو به سکڻ جي لاءِ ملي رهيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ سٺيون عادتون اپنائڻ گهرجن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هي چڱيون عادتون قبر و حشر ۾ نجات جو ذريعو بڻجي وينديون. مثلاً. * سُنتِ مصطفيٰ تي عمل ڪندي هر شيءِ ساڄي هٿ سان ڏيڻ ۽ وٺڻ جي عادت اپنايو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن جڏهن اعمالنامو ڏنو ويندو ته ساڄو ئي هٿ اڳتي وڌندو ۽ جنهن کي