Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
وضاحت: اسان جي پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جو نالو مبارڪ (محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جڏهن اسان جي چپن تي ايندو آهي ته خالص ماکي وانگر وات ۾ ملي ڪري سڄي جسم کي راحت ۽ سڪون پڄائيندو آهي، انهي خوشي ۾ چپ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان ملي ڪري هڪٻئي کي چمي وٺندا آهن.
ياد رهي! نماز جي دوران، قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ جمعي جو خطبو ٻڌڻ وقت نالو مبارڪ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اچي ته ان وقت آڱوٺا نه چمڻ گهرجن. نماز ۾ ان جي منع جو سبب ته ظاهر آهي، قرآن پاڪ ۽ خطبو ٻڌندي وقت انهيءَ ڪري آڱوٺا نٿا چمي سگهون ڇوته ان وقت تمام ڪم ڪار روڪي ڪري مڪمل توجھ سان خطبو يا تلاوت ٻڌڻ جو حڪم آهي. آڱوٺا چمڻ ۾ هي احتياط به ڪيو ته چمڻ جو آواز نه نڪري. (فتاویٰ رضویہ،جلد:22 ،صفحہ:316 خلاصۃً)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد