Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
عشق رسول ۾ آڱوٺا چمڻ جون برڪتون
وڌيڪ هن روايت مان هي به معلوم ٿيو ته عشق و محبت ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي پاڪ کي چمڻ به الله پاڪ جي رضا ملڻ جو ذريعو آهي. مقاصد الحسنه ۾ آهي: هڪ ڀيرو اَذان ٿي رهي هئي، جڏهن مؤذن اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللہ پڙهيو ته عاشق اڪبر حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ ان کي دهرايو(يعني جيئن مؤذن چيو، ايئن ئي کين چيو) پوءِ پنهنجا ٻئي آڱوٺا چمي ڪري اکين سان لڳايا، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي يارِغار جي هي ادا ڏٺي ته فرمايائون: مَنْ فَعَلَ مِثْلَ مَا فَعَلَ خَلِیْلِی فَقَدْ حَلَّت عَلَیْہِ شَفَاعَتِی يعني منهنجي پياري دوست جيئن ڪيو، جيڪو ٻانهو ايئن ئي ڪري، ان جي لاءِ منهنجي شفاعت حلال ٿي وئي. (المقاصد الحسنہ،حرف المیم،صفحہ:440،تحت الحدیث:1019) امام حسن مجبتي رَضِیَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن مؤذن چئي: اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللہ جيڪو ٻانهو هي ٻڌي ڪري چئي: مَرْحَبًا بِحَبِیْبیْ وَ قُرَّۃُ عَیْنِیْ مُحَمَّدِ بْنِ عَبْدِ اللہ پوءِ ٻئي آڱوٺا چمي ڪري پنهنجي اکين تي رکي، ته اهو ڪڏهن به نابينا نه ٿيندو، نه ئي ان جون اکيون اٿنديون. (المقاصد الحسنہ،حرم المیم،صفحہ:441 ،تحت الحدیث:1019)
سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! اسان کي به دل ۾ عشق رسول جي محبت وڌائڻ گهرجي، جڏهن به نالو مبارڪ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون، چاهي اَذان ۾، اقامت ۾، عام ڳالھ ٻولھ ۾ جڏهن به ٻڌون ته محبت رسول ۾ آڱوٺا چمي ڪري، اکين تي لڳائي ڪري اَدب سان درود شريف پڙهندا ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون.
لب پر آجاتا ہے جب نامِ جناب، منہ میں گھل جاتا ہے شہدِ نایاب
وَجْد میں ہوکے ہم اے جاں بیتاب اپنے لب چُوم لیا کرتے ہیں([1])