Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

حَرِيسه کارايو۔ (بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث:5169) حَرِيسه جي وضاحت: کجور، مکڻ، کارڪون ۽ گيھ ملائي ڪري تيار ڪيل کاڌي کي حَرِيسه چيو ويندو آهي، انهن جا کوڙ قِسم آهن ۽ مختلف طريقن سان بڻايو ويندو آهي. * اهڙيءَ طرح امُّ المؤمنين زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها سان نڪاح جي وقت پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمي ۾ هڪ ٻڪري ذبح فرمائي، هي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان ڪيل وليمن مان سڀني کان وڏو وليمو هو. (بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث:5168(

وليمي جي دعوت جي بابت مدني گُلَ:  وليمو مرد جي حيثيت جي مطابق آهي، مثال طور غريب آهي ته پنهنجي حيثيت جي مطابق دعوت جو اهتمام ڪري، امير پنهنجي حيثيت جي مطابق (فتح الباری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، جلد:9، صفحہ:293، تحت الحدیث:5167) * وليمو شاديءَ جي پهرين رات کان بعد ڪرڻ سنّت آهي، ڪجھ ماڻهو نڪاح کان پهريان ئي وليمو ڪري ڇڏيندا آهن، هن طرح ڪرڻ سان سنّت ادا نه ٿيندي * وليمي جي دعوت قبول ڪرڻ سنّت آهي، البته جنهن وليمي ۾ يا دعوت جي باري ۾ معلوم آهي ته اتي خرافات (مثال طور ناچ گانا ٿيندا يا عورتون ۽ مرد گڏ ٿيندا) ته اتي نه وڃي (بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:392، حصہ:16خلاصۃً)

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                           ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم