Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
حديثِ پاڪ جو عربي مَتن اعراب سان گڏ ۽ بنا اعراب جي، ٻنهي طرح ڏسڻ جي سهولت موجود آهي * مطالعي جا نوٽس محفوظ ڪرڻ جي لاءِ پسنديده حديثن کيFavorite ڪرڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي * اهڙيءَ طرح هن ايپلي ڪيشن ۾ مختلف فائونٽ ۽ * حديثون شيئرنگ جي سهولت به ڏني وئي آهي.
اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به حديثِ پاڪ جو فيضان لُٽيو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): وليمو ڪيو توڙي جو هڪ ٻڪريءَ سان ئي ڪيو. (بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1329، حدیث:5167۔) (2) برو کاڌو ان وليمي جو آهي جنهن ۾ مالدار گهرايا وڃن ۽ غريب ڇڏيا وڃن. (بخاری، کتاب النکاح، باب من ترک الدعوۃ، صفحہ:1331، حدیث:5177)
اي عاشقانِ رسول! * وليمو ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي اسان جا آقا. مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمو ڪندا هئا * امُّ المؤمنين حضرت صفيه رَضِىَ اللهُ عَنْها سان نڪاح جي وقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمي ۾