Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حِصّو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: هفتيوار اِجتِماع۔

الحمد لله! هر جمعرات جو نمازِ مغرب کان بعد ۽ ڪن هنڌن تي نمازِ عِشَاء کان بعد دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اِجتِماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تِلاوت، نعت، بيان ۽ ذِڪر ۽ دُعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقا پڻ لڳايا ويندا آهن، ايئن هفتيوار اِجتماع جي ذريعي نيڪيون ڪمائڻ ۽ عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو خوب موقعو ملندو آهي. اوهان به پَڪي نيت ڪيو ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هر جمعرات پابندي سان پاڻ به هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪنداسين ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ٻين کي به گڏ وٺي اينداسين۔

ٽيبل ٽينس جو شوقين ڪيئن سُڌريو...؟

ڪراچي جي رهندڙ هڪ اسلامي ڀاء جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هو مذهبي ذِهن نه هئڻ جي ڪري فضوليات ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گُنَاهن جو به سلسلو هو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو هو ۽ بعض اَوقات اهو سلسلو رات دير تائين جارِي رهندو، هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاء ان کي ۽ ان سان گڏ کيڏڻ وارن کي نماز پڙھڻ ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، اسلامي ڀائر ان کي مسلسل نيڪي جي دعوت پيش ڪندا رهيا، آخر هو ٽيبل ٽينس جو شوقين هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو، الحمد لله! هفتيوار اجتماع جي برڪت سان آهسته آهسته ان جي دِل نرم ٿي وئي، ان جي اونداهه دِل جي ڪارڻ