Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

غوث پاڪ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِسم محمد جو اَدب فرمايو

بَرِّ صغير جي سڀني کان وڏي محدث شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جو اصل نالو مُحَمّد آهي. پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مون خواب ڏٺو ته مان غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. حاضرين مان ڪنهن غوث پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جن کي عرض ڪيو: محمد عبدالحق آيو آهي ۽ سلام عرض ڪري رهيو آهي. هي ٻڌندي ئي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه اٿي بيٺا ۽ مون کي ڀاڪر پائي فرمايو: توتي جهنم جي باھ حرام آهي. شيخ مُحقق رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه فرمائن ٿا: غوث پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جي هي عنايت انهيءَ ڪري هئي جو منهنجو نالو مُحَمّد آهي. (مدارج النبوت، باب پنجم، و ذکر فضائل آنحضرت، جلد:1، صفحہ:133)

  مُحَمَّد نام لینے کو ہمیشہ                                              ادب کا چاہئے پہلے قرینہ

ان کے نام کا ذِکْر مبارک                                           ہے فردوسِ بریں کا صِرْف زینہ

رسولِ کبریا کا نامِ نامی                                                خُدا کی رحمتوں کا ہے خزینہ

          مختلف اسلامي نالن جي باري  ۾ معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ٻارن جا اسلامي نالا ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب نالي رکڻ جا احڪام“جو مطالعو ڪيو. الله پاڪ اسان کي اسم مُحَمَّد مان برڪتون حاصل ڪرڻ، ان جو ادب ڪرڻ ۽ سڄي زندگي ان پاڪيزه نالي جو ورد ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اِجتِماع

پيارا اسلامي ڀائرودِل ۾ عشق مدينه وڌائڻ، يادِ مدينه، ذِڪرِ مدينه ڪرڻ، گُنَاهن ۽ فضوليات کان بچڻ، سٺي، بامقصد، سنتن ڀري ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول